رامله -13 جون (اي پي پي) فلسطين جي وزيراعظم محمد اشتيه مسجد اقصيٰ جي مسلمانن ۽ يهودين ۾ ورهاڱي جي حوالي سان مسودي واري قانون کي اسرائيلي پارليامينٽ ۾ پيش ڪرڻ جي من??وبي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ان تجويز ڪيل قانون تي عملدرآمد کي روڪرائڻ لاءِ ترڪيه، انڊونيشيا ۽ مصر کان مد?? جي درخواست جو اشارو ڏنو آه??. عرب نيوز مطابق فلسطين جي وزيراعظم اسرائيلي اختيارن کي به خبردار ڪيو آه?? ته هو قانوني مسودو پارليامينٽ ۾ پيش ڪرڻ کان پاسو ڪري. هن وڌيڪ خبردار ڪيو ته ان قدم سان وڏي پئماني تي ڏڦيڙ ٿي سگهن ٿا ۽ فلسطيني عرب ۽ سڄي دنيا جي مسلمانن لاءِ مسجد اقصيٰ هڪ مقدس هنڌ هجڻ جي ڪري ان قدم جا ناقابل تصور نتيجا نڪري سگهن ٿا. هن عرب، مسلمان ۽ عالمي برادري کي اپيل ڪئي آه?? ته اهي ان قدم جي نه رڳو مذمت ڪن پر عملي طور قدم کڻن ۽ اسرائيلي تي اهڙيون پابنديون لڳائين ته جيئن هو مسجد اقصيٰ جي حوالي سان موجوده قانونن جي ڪا ڀڃڪڙي نه ڪري سگهي. فلسطينين کي ان ڳالهه تي سخت ڳڻتي آه?? ته اسرائيل جي ليڪوڊ پارٽي سان تعلق رکندڙ پارليامينٽ ميمبر اميت هالوي طرفان مسجد اقصيٰ جي مسلمانن ۽ يهودين وچ ۾ ورهاڱي تي ٻڌل قانوني مسودي جي من??وري لاءِ پارليامينٽ ۾ پيش ڪرڻ جي قدم کي هڪ وڏو من??وبو قرار ڏنو آه?? جنهن جو نتيجو اسرائيل ۽ فسلطين وچ ۾ وڏي پئماني تي جنگ ۽ تشد?? جي صورت ۾ نڪري سگهي ٿو. ان مسودي تحت مسجد اقصيٰ جي صحن ۾ واقع گن??ذ صحره جي اڱڻ کان وٺي مسجد اقصيٰ جي اترئين حد تائين جو علائقو يهودين کي الاٽ ڪرڻ تجويز ڪيو ويو آه??. ان من??وبي تي عمل جي صورت ۾ مسجد قصيٰ جي حيثيت الخليل ۾ واقع مسجد ابراهيم جهڙي رهجي ويندي جنهن جو 75 سيڪڙو حصو يهودين کي عبادت لاءِ الاٽ ڪيو ويو آه?? جڏهن ته مسلمانن لاءِ رڳو 25 سيڪڙو حصو بچيل آه??. نئين قانون جي من??وري جي صورت ۾ يهودين کي سمورن دروازن مان مسجد اقصيٰ ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ملي ويندي. هن وقت يهودين کي رڳو مراڪشي دروازي مان مسجد اقصيٰ ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت آه??.
عرب، مسلمان ۽ عالمي برادري مسجد اقصيٰ جي ورهاڱي جي تجويز ڪيل اسرائيل جي منصوبي تي عمل کي روڪرائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪن: فلسطين جو وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی قیمت