پراگ- 22 ڊسمبر (اي پي پي) جمهوريه چيڪ جي گادي واري شهر پراگ جي چارلس يونيورسٽي ۾ 24 سالن جي هٿياربند شاگرد فائرنگ ڪري 14 ڄڻن کي ماري ۽ 25 ڄڻن کي زخمي ڪري ڇڏيو جن مان 10 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. اي ايف ??ي مطابق پوليس چيف ??ڌايو ته فائرنگ گادي واري شهر پراگ جي ج??ن پالخ اسڪوائر ۾ يونيورسٽي جي فيڪلٽي آف آرٽس جي عمارت ۾ مقامي وقت مطابق ٽي وڳي شروع ٿي. پوليس ٻڌايو ته فائرنگ ڪندڙ شاگرد کي ماريو ويو آهي. بي بي سي مطابق سوشل ميڊيا تي ج??ري ويڊيوز ۾ ماڻهن کي يونيورسٽي جي عمارت مان ٽپا ڏيندي ڏٺو ويو ۽ ان دوران فائرنگ جا آواز پڻ ٻڌا ويا جڏهن ته هڪ ٻي ويڊيو ۾ ماڻهن کي ڀڃ??دي ڏسي سگهجي ٿو.
مضمون کا ماخذ : گولڈ رش