رياض-27 ڊسمبر (اي پي پي)سعودي عرب جي مجلس شوريٰ يمن ۾ امن عمل جي حمايت لاءِ تجويز ڪيل روڊ ميپ جي آجيان ڪئي آهي. ايس ??ي اي مطابق ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي قيادت هيٺ ڪابينا جي اجلاس ۾ يمن ۽ ان جي عوام لاءِ مملڪت جي حمايت ۽ معاونت جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. يمن جي ڌرين کي ترغيب ڏني ته هو گڏيل قومن جي نگراني ۾ هڪ جامع ۽ جٽادار سياسي حل لاءِ ڳالهين ۾ شامل ٿين. اجلاس ۾ علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي اڳڀرائي خاص طور تي فلسطين جي علائقن جي صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو. ڪابينا گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل طرفان غزه ل??ءِ انساني امداد ۾ واڌ جي فيصلي جي آجيان ڪئي ۽ عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته ا??ا پنهنجي ذميواري پ??ري ڪري. قابض اسرائيلي اختيارين طرفان شهرين خلاف عالمي ۽ جنگي قانونن جي منظم ڀڃڪڙين کي ف??ري طور تي بند ڪرڻ تي زور ڀريو. ڪابينا موجوده سال جي معاشي نتيجن ۽ مملڪت جي سمورن علائقن ۾ جامع اقتصادي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪندڙ ترقياتي منصوبن، پروگرامن جو جائزو ورتو جيڪو ويزن 2030ع جي هدفن مطابق آهي. ڪابينا انهن ڪمپنين سان حڪومتي معاهدن تي اثر انداز ٿيندڙ اهم منصوبن جي منظ??ري ڏني جنهن جي مملڪت ۾ علائقائي هيڊڪوارٽرز ناهن. اجلاس ۾ سعودي فوڊ اينڊ ڊرگ ??ٿا??ٽي جي انٽرنيشنل ميڊيڪل ڊوائيس ريگوليٽري فورم ۾ شموليت جي توثيق ڪئي وئي. برطانيه جي سيڪريٽ انٽيليجنس سروس سان دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ مفاهمت جي يادداشت جي منظ??ري پڻ ڏني وئي.
سعودي ڪابينا طرفان يمن ۾ امن عمل لاءِ روڊ ميپ جي آجيان
مضمون کا ماخذ : ایشیا ڈریگن