گڏ??ل قومون-19 جنوري (اي پي پي) گڏ??ل قومن جي سلامتي ڪائونسل ڪولمبيا جي امن عمل جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو آهي. شنهوا موجب گڏ??ل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن ڪولمبيا ۾ 2016ع جي آخري امن معاهدي جي ”جامع نفاذ کي يقيني بڻائڻ“ جي اهميت کي اجاگر ڪيو خاص طور تي مقامي چونڊن کانپوءِ ٿيندڙ اڳڀرائي جي واکاڻ ڪئي. هن امن کي هٿي ڏيڻ ۽ ان جي پس منظر بابت عورتن جي مڪمل، برابر، بامعنيٰ ۽ محفوظ شرڪت ۾ نون چونڊيل عهديدارن جي اهم ڪردار تي زور ڀريو. ٻهراڙي جي سڌارن جي شقن تي ڏنل ڌيان جي واکاڻ ڪندي ڪائونسل آبادگارن ۽ نسلي برادرين ۾ زمين جي ورهاست ۽ جامع بحالي پروگرام اختيار ڪرڻ ۾ اڳڀرائي کي تسليم ڪيو. هن اڳوڻن جنگجوئن ۽ سماجي اڳواڻن کي درپيش خطرن ۽ تشدد بابت به ڳڻتي جو اظهار ڪندي عورت اڳواڻن ۽ انساني حقن جي محافظن لاءِ خدشن جي جامع پروگرام جي ايڪشن پلان تي وڌيڪ عملدرآمد جي ضرو??ت تي زور ڀريو.
گڏيل قومون: سلامتي ڪائونسل پاران ڪولمبيا جي امن عمل جي حمايت جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : Loteria Instantânea