گ??يل قومون-06 مارچ (اي پي پي) اسلامي سهڪار تنظيم ??لسطين پناهگيرن جي مدد ڪندڙ گ??يل قومن جي ايجنسي (يو اين آر ڊبليو اي) جو ڀرپور دفاع ڪندي چيو آهي ته اسرائيل طرفان ان کي ختم ??رڻ جي مهم باوجود ڪو ٻيو ادارو ان اهم ايجنسي جي جاءِ نٿو وٺي سگهي. پاڪستان ۾ گ??يل قومن جي مستقل نمائندي منير اڪرم نيويارڪ ۾ او آءِ سي گروپ جي وقتي چيئرمين جي حيثيت سان گ??يل قومن جي جن??ل اسيمبلي کي خطاب دوران چيو ته اسان گذريل 75 سالن ۾ فلسطين پناهگيرن لاءِ اهم لائيف لائن طور يو اين آر ڊبليو اي جي ڪردار کي سلام پيش ڪريون ٿا. 193 ميمبرن تي ٻڌل جن??ل اسيمبلي جو اجلاس وچ اوڀر ۾ فلسطيني پناهگيرن لاءِ گ??يل قومن جي رليف اينڊ ورڪس ايجنسي بابت بريفنگ لاءِ منعقد ڪيو ويو. اجلاس ۾ اسرائيل، آمريڪا ۽ ڪجهه ٻين اولهندي ملڪن طرفان ان الزام ته ان اداري جي عملي جي 12 ميمبرن 7 آڪٽوبر جي ڪاررواين ۾ ملوث هئا جو جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي پاڪستان جي نمائندي منير اڪرم او آءِ سي جي نمائندگي ڪندي گ??يل قومن جي اداري يو اين آر ڊبليو اي کي فنڊن جي فراهمي معطل ??رڻ جي آمريڪا ۽ ٻين ملڪن جي فيصلي تي سخت افسوس جو اظهار ڪيو ۽ ان قسم جي قدمن تي فوري طور تي نظرثاني ??رڻ ۽ فيصلو واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو. منير اڪرم يو اين آر ڊبليو اي جي ڪمشنر جن??ل فلپ لازا ريني جي گ??يل قومن جي جن??ل اسيمبلي کي صورتحال کان آگاهه ??رڻ تي تعريف ڪئي. جڏهن ته هن غزه جي پريشان آبادي کي خدمتون ۽ رليف فراهم ??رڻ ۾ يو اين آر ڊبليو اي جي اهم ڪردار جي پڻ تعريف ڪئي. پاڪستان جي نمائنده غزه ۾ امداد حاصل ??رڻ لاءِ گڏ ٿيل فلسطينين تي اسرائيلي حملي جي مذمت ڪندي فلسطيني عوام جي صورتحال تي روشني وڌي ۽ هنگامي طور تي انساني امداد جو مطالبو ڪيو.
گڏيل قومن ۾ او آءِ سي گروپ پاران يو اين آر ڊبليو اي جي فنڊنگ بحال ڪرڻ جو مطالبو
مضمون کا ماخذ : estratégias loteria وفاقی