اسلام آباد – 03 جون (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار ايندڙ مالي سا?? 17 – 2016ع جي لاءِ اٽڪل 43 کرب 95 ارب رپين جي وفاقي بجيٽ پيش ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ معاشري جي ڪمزور طبقن جي سهولت لاءِ ڪيترائي قدم، ترقياتي ايجنڊا، ??هتر مالياتي نظم ۽ ضبط وسيلي خسارو گهٽ ڪرڻ، معاشي استحڪام کي هٿي وٺرائڻ، اوڳاڙين، سيڙپڪاري ۽ روانگي واپار ۾ اضافي تي خصوصي ڌيان ڏنو ويو آهي، بجيٽ ۾ معيشت جي مختلف شعبن خاص طور تي زراعت جي شعبي جي ترقي لاءِ قدمن جو اعلان ڪيو ويو آهي، سرڪاري ملازمن جي لاءِ 2013ع ۽ 2014ع جي عارضي اضافي کي بنيادي پگهار جو حصو بڻايو پيو وڃي ۽ وفاقي حڪومت جي سمورن ملازمن کي پهرين جولاءِ 2016ع کان هلندڙ بنيادي پگهار تي 10 سيڪڙو ايڊهاڪ رليف الائونس ڏنو ويندو، مزدور طبقي جي ڀلائي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ اجرت جي شرح 13000 مان وڌائي 14000 ڪئي وئي آهي، پاڪستان جي صنعتي روانگي واپار جي 5 وڏن شعبن ٽيڪسٽائيل، چمڙي، قالين، راندين جي سا??ان ۽ جراحي جي اوزارن کي زيرو ر??ٽيڊ سيلز ٽيڪس جي نظام تحت آندو ويو آهي، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي لاءِ 115 ارب رپيا رکيا ويا آهن، پاڪستان بيت المال جي بجيٽ ٻيڻي ڪري 4 ارب رپيا ڪئي وئي آهي، ٽن سالن جي بجيٽ حڪمت عملي تحت جي ڊي پي جي واڌويجهه جي شرح کي مالي سا?? 18 – 2019ع تائين آهستي آهستي 7 سيڪڙو تائين آندو ويندو، ناڻي واڌ کي هڪ انگ تائين ??حد??د رکيو ويندو، سيڙپڪاري جي شرح 21 سيڪڙو تائين وڌائي ويندي، مالي خسارو گهٽ ڪري جي ڊي پي جي 3.5 سيڪڙو تائين آندو ويندو، جي ڊي پي ۾ ٽيڪس جي شرح کي 14 سيڪڙو تائين وڌايو ويندو، پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن کي 30 ارب ڊالر تائين پهچايو ويندو. قومي اسيمبلي ۾ ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار ايندڙ مالي سا?? 17 – 2016ع جي بجيٽ پيش ڪئي.
وفاقي حڪومت پاران نئين سال جي 43 کرب 95 ارب رپين جي بجيٽ پيش
مضمون کا ماخذ : بہت کچھ