اسلام آباد – 29 اپريل (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد نواز شريف چيو آهي ته هو قوم کي پنهنجي اثاثن بابت اڳ ۾ ئي اعتماد ۾ وٺي چڪو آهي، آئون نه مڃان وارو راڳ آلاپيندڙ اسان جي مثبت قدمن تي پنهنجي منفي رويي جو اظهار ڪري رهيا آهن. هن اها ڳالهه مسلم ليگ (ن) جي قومي اسيمبلي ميمبرن سردار مح??د عرفان ڊوگر، عالم داد لاليڪا ۽ ميان نجيب الدين اويسي سان ڳالهائيندي چئي جن وزيرا??ظم هائوس ۾ ساڻس ڌار ڌار ملاقات ڪئي. وزيرا??ظم چيو ته سمورين سياسي پارٽين جي راءِ موجب چيف جسٽس جي نگراني ۾ ڪميشن ٺا??ڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي پر ان عمل تي به مخالف يو ٽرن وٺي ڇڏيو آهي ۽ کوکلن نعرن تي سياست ڪري رهيا آهن.
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ