اسلام آباد – 03 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪس??ان (اي پي پي) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر مسعود ملڪ چيو آهي ته وزيراعظم محمد نواز شريف گذريل ٽن ڏهاڪن کان ملڪي سياست ۾ سرگرم ع??ل آهي ۽ منهنجي خيال ۾ پاڪستاني سياست جي تاريخ جو ه?? پهريو?? چونڊيل وزيراعظم آهي جيڪو هر آزمائش جي گهڙيءَ ۾ قوم جي اميدن تي پورو لٿو آهي، ڀلي ??هو ڪشمير، ائٽمي ڌماڪا يا ڀارت سان لاڳاپن جو مسئلو هجي ته انهن سمورن معاملن ۾ وزيراعظم محمد نواز شريف وڏي ڏاهپ جو ثبوت ڏنو آهي. پاڪس??ان ٽيليويزن جي هڪ پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن وزيراعظم محمد نواز شريف گڏيل قومن ۾ ويو ته ڀارت ۽ ڪشمير مسئلي ??ي حوالي ??ان مٿس تنقيد ٿيندي رهي پر هن پنهنجي مٿان ٿيندڙ تنقيد جو جواب پنهنجي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ??ي خطاب دوران اهڙي بهترين ۽ موثر انداز ۾ ڏنو جو سندس ملڪ سان حقيقي محبت ۽ ان جي ڏاهپ کي واضح ڪري ٿو.
وزيراعظم آزمائش جي هر گهڙيءَ تي پورو لٿو آهي: مسعود ملڪ
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ نمبر