اسلام آباد – 08 مئي (اي ??ي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته تعليمي ادارا ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۽ ماڻهن جي تياري ۾ بنيادي اهميت رکندڙ آهن، ان سلسلي ۾ استادن جي هي ذميداري آهي ته هو شاگردن جو ڪردار بهتر کان بهتر بڻائڻ لاءِ ڪم ڪن، تعليمي معيار ۾ بهتري لاءِ قومي مقصدن تحت سڄي دنيا ۾ ڪيل تجربن مان فائدو حاصل ڪيو وڃي. هن اها ڳالهه استاد تنظيم ??اڪستان جي وفد سان ڳالهائيندي چئي جنهن ڊاڪٽر ميان محمد اڪرم جي قيادت ۾ ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي تعليم ??ارو وفاقي مملڪتي وزير انجنير بليغ الرحمان به موجود هو. صدر اميد ظاهر ڪئي ته استاد ملڪ ۾ تعليمي نظام ۽ معيار جي بهتري لاءِ پنهنجو مثبت ڪردار ادا جاري رکندا ته جيئن علائقائي ۽ ف??قي??راڻي تعصبن تي ضابطو آڻي سگهجي.
مضمون کا ماخذ : آزاد کشمیر لاٹری