اسلام آباد – 07 مارچ (اي پي پي) قومي اقتصادي ڪائونسل آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ فاٽا جي ترقياتي خرچن ۾ اضافي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ڊولپمينٽ ورڪنگ پارٽي جي لاءِ منظور ٿيل حد وڌائي 40 ڪروڙ روپيا ڪئي وئي آهي، ترقياتي ڪميٽي کي هڪ ارب روپين تائين ترقياتي خرچ منظور ڪرڻ جا اختيار به ڏنا ويا آهن، جڏهن ته 12هين پنج سالا منصوبي (23-2018) جي سماجي ۽ اقتصاد?? مقصدن جي منظوري ڏيندي صوبائي حڪومتن کي پائيدار ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ لاءِ ضلعي سطح تي اداره جاتي نظام جوڙڻ جي هدايت ڪئي وئي آه??. ق??مي اقتصادي ڪائونسل جو اجلاس وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت ۾ وزيراعظم آفيس ۾ منعقد ٿيو.
مضمون کا ماخذ : ٹکی انماد