واشنگٽن-20 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪي رياست ڪ??لو??اڊو جي سپريم ڪورٽ اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي جنوري 2021ع ۾ ڪيپيٽل هل ت?? حمل?? ۾ ??لوث ??جڻ تي آمريڪي صدارت لاءِ نااهل قرار ڏئي ڇڏيو آهي ۽ اڳوڻي صدر چيو آهي ته هو ان فيصلي خلا?? سپريم ڪورٽ ۾ اپيل ڪندو. انڊپينڊنٽ اردو جي رپورٽ موجب اهو عدالتي حڪم جيڪو رڳو ڪ??لو??اڊو پرائمري بيلٽ تي لاڳو ٿئي ٿو، ڪ??لو??اڊو جي عدالت پنهنجي فيصل?? ۾ ??کيو آهي ته پينل جي ميمبرن جي اڪثريت جو خيال آهي ته صدر ٽرمپ کي رياست جي آئين جي 14 هين ترميم جي سيڪشن ٽي تحت صدر جي عهدي لاءِ نااهل قرار ڏنو وڃي ٿو، فيصل?? ۾ ??ڌيڪ چيو ويو آهي ته نااهل قرار ڏيڻ کانپوءِ ڪ??لو??اڊو سيڪريٽري آف اسٽيٽ جي چونڊ ضابطن تحت صدارتي پرائمري بيلٽ تي اميدوار طور ڊونلڊ ٽرمپ جي داخلا غلط هوندي. عدالتي حڪم موجب ڊونلڊ ٽرمپ 4 جنوري 2024ع تائين ان فيصلي خلاف آمريڪي سپريم ڪورٽ ۾ اپيل ڪري سگهي ٿو، ڊونلڊ ٽرمپ جي چونڊ مهم جي ترجمان اسٽيون چيونگ هڪ بيان ۾ چيو آهي ته اسان جلد ئي سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪنداسين ۽ ان شديد غير جمهوري فيصلي کي روڪڻ لاءِ گڏجي درخواست داخل ڪنداسين. هن ڪيس جو فيصلو ڪندڙ ججن تي ڊيموڪريٽس جا مقرر ڪيل ??جڻ جو الزام لڳايو. هن چيو ته ڊيموڪريٽ پارٽي جي اڳواڻ ڊونلڊ ٽرمپ جي چون?? ۾ ??ڌندڙ مقبوليت سبب مايوسي جي حالت ۾ آهي، ان فيصلي تي سينئر ريپبلڪن اڳواڻن طرفان تنقيد به ڪئي وئي جنهن ۾ 2016ع جي چونڊن ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جو مخالف سينيٽر مارڪورو بيو به شامل آهي، 2024ع جي صدارتي چونڊن ۾ نامزدگي جي ڊور ۾ شامل وويڪ راما سوامي ان کي سياسي مخالفن کي خاموش ڪرڻ لاءِ چونڊ مداخلت جو حربو قرار ڏنو. هن هڪ بيان ۾ چيو ته هي فيصلو جمهوريت ت?? حملو آهي.
آمريڪي رياست ڪولوراڊو جي سپريم ڪورٽ ڊونلڊ ٽرمپ کي ڪيپيٽل هل تي حملي ۾ ملوث هجڻ تي صدارت لاءِ نااهل قرار ڏئي ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : شمال کے ڈریگن