اسلام آباد – 05 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي موقعي تي آزاد ڪشمير قانونساز اسيمبلي ۽ ڪشمير ڪائونسل جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪرڻ جي سعادت حاصل ٿي جيڪا منهنجي لاءِ هڪ اعزاز جي ڳالهه آهي، توهان هڪ اهڙي غيرتمند قوم جي نمائندگي ڪريو ٿا جنهن تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن، انهن جون لازوال قربانيون اسان سڀني جي لاءِ فخر جوڳيون آهن، اسان کي آزادي جي جدوجهد ۾ مصروف ماڻهن جي مشڪلاتن جي خبر آهي، پاڪستان حڪومت ڪشمير تڪرار جي پرامن حل ۽ آزاد ڪشمير جي ترقي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آ??ي، اهل پاڪستان ۽ اهل ڪشمير جون دليون گڏ ??ڙڪن ٿيون ۽ صديون پراڻو اهو رشتو سدائين قائم رهندو. هن چيو ته حڪومت آزاد ڪشمير جي بجيٽ ۽ ترقياتي بجيٽ ٻيڻي ڪئي آ??ي جڏهن ته مانسهره کان مظفرآباد تائين ر??تي جي منصوبي کي سي پيڪ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. مظفرآباد ۾ آزاد ڪشمير قانونساز اسيمبلي ۽ ڪشمير ڪائونسل جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته ڊ??هي عرصي تائين اپوزيشن جي سياست ڪئي آ??ي ۽ اپوزيشن جي سوچ کان واقف آهيان.
پاڪستان حڪومت ڪشمير تڪرار جي حل ۽ ترقي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : کینڈی کیش