اسلام آباد – 12 جون (اي پي پي( پاور ڊويزن واري و??ارت بجلي جي گهرج ۽ پهچ ۾ فرق کي گهٽ ڪرڻ لاءِ جامع منصوبي کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي جنهن سان 30 جون تائين بجلي جي گهرج ۽ پهچ ۾ فرق ۾ نمايان گهٽتائي اچي ويندي، جولاءِ، آگسٽ ۽ سيپٽمبر ۾ گهرج گهٽ ۽ بجلي جي فراهمي وڌي ويندي جڏهن ته نگران وفاقي و??ير بئريسٽر علي ظفر چيو آهي ته گرمي جي شدت وڌڻ ۽ پن بجلي جي کوٽ سان بجلي جي گهرج ۾ اضافو ٿيو آهي، هن وقت گهرج ۽ پهچ ۾ فرق 2 هزار ميگاواٽ آهي، بجلي جي پيداوار 21 کان 22 هزار ميگاواٽ آهي ۽ گهرج 23 کان 24 هزار ميگاواٽ آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار هتي ناڻي و??ري نگران وفاقي و??ير ڊاڪٽر شمشاد اختر سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو
مضمون کا ماخذ : لافانی رومانس