پسرور – 05 مئي (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خا??ان عباسي چيو آهي ته عوام ايندڙ عام چونڊن ۾ بهتر فيصلو ڪيو ته مسلم ليگ (ن) ائين ئي مسئلا حل ڪندي، فيصلي جو اختيار ڪنهن ٻئي وٽ نه پر عوام وٽ ئي هجڻ گهرجي، عوام جي چونڊيل نمائندن کي 5 سال حڪومت ڪرڻ جو اختيار هجڻ گهرجي، موجوده 5 ??الن ۾ هر حڪومت وٽ ڪنهن نه ڪنهن صوبي ۾ اختيار هو جڏهن ته ڪم رڳو مسلم ليگ (ن) ۽ نواز شريف ڪري ڏيکاريو، ملڪ جي خودمختياري ۽ ترقي جا ڪم عوام جي سامهون آهن، مسلم ليگ (ن) کي ڪنهن نقطن جي ضرورت نه آهي هو پنهنجي رڪارڊ تي بيٺل آهي. وزيراعظم شاهد خا??ان عباسي پسرور ۾ سيالڪوٽ پسرور روڊ جي توسيعي منصوبي جي پيڙهه ج?? پٿر رک?? کانپوءِ خطاب ڪري رهيو هو.
مضمون کا ماخذ : سکاراب ملکہ