اسلام آباد – 28 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي احساس پروگرام ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام پاران منصفاڻي ۽ غير سياسي حڪمت عملي جي پيروي کي ساراهيندي چيو آهي ته معاشري ??ي اقتصادي طور تي ڪمزور ۽ پٺتي پيل طبقن کي سماجي ت??فظ فراهم ڪرڻ رياست جي بنيادي ذميواري ??هي. هن اها ڳالهه بي آءِ ايس پي هيڊڪوارٽرز جي دوري ??وران احساس پروگرام ۽ بي آءِ ايس پي بابت بريفنگ جي صدارت ڪندي چئي. وزيراعظم جي خصوصي مع??ون ۽ بي آءِ ايس پي جي چيئرپرسن ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ سينيئر عملدار ان موقعي تي موجود هئا. صدر انهن پروگرامن جي پهچ کي وڌائڻ جي لاءِ عوام جي سماجي ڀلائي جي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ خانگي تنظيمن سان موثر رابطن جي ضرورت تي زور ڏنو.
مضمون کا ماخذ : را کی کتاب