اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار ۽ ڪشميرين تي ڀارتي ظلمن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ هڪ منٽ جي خاموشي اخت??ار ڪئي وئي. گذريل هڪ سال کان ڀارتي غيرقانوني والاريل ڪشمير جي عوام ??ي بدترين دٻاءُ ۽ فوجي گهيراءُ درپيش آهي، 5 آگسٽ 2019ع تي هندستان پنهنجي آئين جي آرٽيڪل 35 اي ۽ 370 کي ملتوي ڪري ڇڏيو جنهن ڀارتي غيرقانوني والاريل ڪشمير کي ڏنل خصوصي حيثيت کي ڪالعدم قرار ڏنو جتي ڪشميري گڏ??ل قومن جي منظور ٿ??ل قراردادن موجب پنهنجي خودمختياري جي حق لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن. سڄي ملڪ ۾ استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي عوام ??رپور انداز سان شرڪت ڪئي ۽ ڪشمير سان پنهنجي والهاڻي ??حبت جو اظهار ڪيو، پوري ملڪ ۾ صبح 10 وڳي هر قسم جي ٽريفڪ جي چرپر پڻ رڪجي وئي. مختلف سياسي ۽ مذهبي پارٽين پاران ريلين ۽ جلسن جو پڻ اهتمام ??يو ويو جنهن ۾ مقررين ۽ شرڪت ڪندڙن عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته ڪشميرين کي خودمختياري جو حق ڏيڻ جي لاءِ ٺوس قدم کنيا وڃن ۽ ڪشمير جي مظلوم عوام ??ي انهن جي مرضي موجب جيئڻ جو حق ڏنو وڃي.
استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي
مضمون کا ماخذ : پاور بال کا ٹکٹ