جنيوا-15 نومبر (اي پي پي) اسرائيل جي پرڏيهي وزير ايلي ڪوهن چيو آهي ته گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش اداري جي اڳواڻي جي قابل نه آهي، ميڊيا رپورٽن موجب هن جنيوا ۾ پريس ڪانفرنس دوران چيو ته انتونيو گوتريش گڏيل قومن جو سربراه بڻجڻ جي لائق نه آهي ڇاڪاڻ ته ان ح??اس جي مذمت لاءِ ڪجهه به نه ڪيو آهي، ايلي ڪوهن جو اهڙو بيان ان وقت ۾ س??مهون آيو آهي جڏهن گڏيل قومن غزه ??ٽي ۾ اسرائيلي بمباري ۾ پنهنجن 100 کان وڌيڪ ملازمن جي مارجي وڃڻ تي سوڳ ملهايو هو، اسرائيل جي پرڏيهي وزير اهو انڪشاف ڪيو ته ريڊ ڪراس غزه ??ٽي ۾ ح??اس جي قيد ۾ ڪنهن به قيدي سان ملاقات نه ڪئي آهي، هن عالمي ڪميٽي ريڊڪراس جي سربراه سان ملاقات کان پوءِ جاري بيان ۾ چيو ته قيدين جي معاملي ۾ ڪا به اڳڀرائي نه ٿي آهي، ٻئي گڏيل قومن جي سربراه غزه ??ٽي ۾ خوفناڪ صورتحال ۽ اسپتالن ۾ جاني نقصان تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي، گڏيل قومن جي ترجمان اسٽيفن گوجريڪ چيو آهي ته سيڪرٽري جنرل فوري طور تي انساني بنيادن تي جنگ بندي جو مطالبو ڪري ٿو.
انتونيوگوترش گڏيل قومن جي اڳواڻي جي قابل نه آهي: اسرائيل
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی ترکیبیں