گڏيل ق??مو?? -04 ڊسمبر (اي پي پي) سڄي دنيا ۾ امن کي درپيش خطرن ۽ تڪرارن کي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جي گهٽجندڙ امڪانن باوجود عورتون سڄي دنيا ۾ امن لاءِ پنهنج?? ڪردار ذريعي اميد جو ڪرڻو بڻجي رهيون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار گڏيل قومن جي ??يا??ي ۽ امن بابت معاملن جي سيڪريٽري جنرل روز ميري ڊي ڪارلو گذريل ڏينهن سلامتي ڪائونسل جي اجلاس دوران ڪيو. امن ۽ سلامتي جي ايجنڊا تي قيادت جي صنفي تبديلي جي طاقت ۾ سيڙپڪاري تي بحث دوران ڳالهائيندي هن سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن تي زور ڀريو ته نوجوان ??سل لاءِ رستا کوليا وڃن. هن چيو ته عورتن ۾ سيڙپڪاري، امن ۽ سلامتي جي ايجنڊا، تڪرارن کي روڪڻ ۽ جٽادار ۽ جامع امن حاصل ڪرڻ وقت جي ضرورت بڻجي ويو آهي. هن خبردار ڪندي هن عالمي طاقت جي ڍانچي کي ٻيهر تعمير ڪرڻ ۽ عورتن ۽ نياڻين جي عدم تحفظ وارن بنيادي سببن کي حل ڪرڻ لاءِ اسان کي ڪوششون تيز ڪرڻيون پونديون. روز ميري ڊي ڪارلو عورتن جي قائداڻ?? ڪردار کي هٿي وٺائڻ جي حوالي سان 3 اهم شعبن مڪالمي ۾ سهولتڪاري، امن جي جامع عمل کي هٿي وٺائڻ ۽ نوجوان عورتن جي قياد?? ۾ ??يڙپڪاري جي نشاندهي ڪئي. هن اهڙي جامع امن عمل کي اڳيان ??ڌائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو جنهن ۾ عورتن کي ترجيح?? ڪردار ڏنو وڃي. هن ياد ڏياريو ته عورت، امن ۽ سلامتي تي ڪائونسل جي سالياني بحث دوران سيڪريٽري جنرل امن عمل ۾ عورتن جي شرڪت کي يقيني بڻائڻ لاءِ ٺوس قدم کڻڻ تي زور ڀريو هو.
عورتون دنيا ۾ امن جي قيام لاءِ پنهنجي ڪردار ذريعي اميد جو ڪرڻو بڻجي رهيون آهن: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ لاٹری