پوگس (تاجڪستان) – 06 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان، افغانستان، تاجڪستان ۽ ڪرغزستان جي اڳواڻن جو چار ملڪي سربراهه اجلاس ٿيو جنهن ۾ 1.2 ارب ڊالر لاڳت جي ڪا??ا 1000 بجلي ??ي منصوبي تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو ۽ اڳواڻن ان منصوبي کي جلد مڪمل ڪرڻ جي لاءِ سمورا قدم کڻڻ جو عزم ظاهر ڪيو. اهو چار ملڪي منصوبو 2018ع تائين ٻن وچ ايشيائي رياستن سان پاڪستان ۽ افغانستان کي 1300 ميگاواٽ بجلي فراهم ڪندو. وزيراعظم محمد نواز شريف کانسواءِ تاجڪ صدر امام علي رحمانوف، افغان صدر اشرف غني ۽ ڪرغزستان جي وزيراعظم س??را?? بي جين بيڪوف ڪا??ا 1000 چار ملڪي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. انهن اڳواڻن جو اجلاس گادي واري شهر دوشنبي کان 36 ڪلوميٽر پر?? پهاڙي سياحتي ماڳ پوگس ۾ ٿيو جنهن ۾ ان اهم منصوبي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي جنهن سان پاڻي وسيلن ذريعي صاف سٿري ۽ ماحول دوست ب??لي پيدا ٿيندي.
مضمون کا ماخذ : سپر اسپنر