گڏيل قومون – 18 اپريل (اي پي پي) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ گڏيل قومن جي مڪمل رڪنيت لاءِ ف??سط??ن جي درخواست تي ووٽنگ (اڄ) جمعي تي ٿيندي. ٻئي پا??ي سفارتڪارن چيو آهي ته گڏيل قومن ۾ ف??سط??ن جي مڪمل رڪنيت هڪ اهڙو قدم آهي جنهن کي اسرائيل جو اتحادي ويٽو ڪندي ??وڪي ڇڏيندو ڇو جو اهو ف??سط??ني رياست کي موثر طريقي سان تسليم ڪرڻ جي برابر ٿي سگهي ٿو. برطانوي خابرو اداري رائٽرز مطابق سفارتڪارن چيو آهي ته 15 رڪني سلامتي ڪائونسل ۾ ٺهراءُ جو هڪ مسودو تي ووٽنگ اڄ منجهند 3 وڳي ٿيندي. سلامتي ڪائونسل طرفان ٺهراءُ جي منظوري ۾ 193 رڪني گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي سفارش ڪئي ويندي ??ه رياست ف??سط??ن کي گڏيل قومن جي مڪمل رڪنيت ڏني وڃي. سلامتي ڪائونسل جي ٺهراءُ جي حق ۾ گهٽ ۾ گهٽ 9 ووٽن ج?? ضرورت هوندي ??هي. سفارتڪارن جو چوڻ آهي ته ان قدمن کي ڪائونسل جي 13 ميمبرن جي حمايت حاصل ٿي سگهي ٿي، جيڪو آمريڪا کي پنهنجو ويٽو استعمال ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندو.
فلسطين لاءِ گڏيل قومن جي مڪمل رڪنيت جي ٺهراءُ تي سلامتي ڪائونسل ۾ ووٽنگ (اڄ) ٿيندي
مضمون کا ماخذ : ڈوپلا سینا