گڏيل قومون -18 آڪٽوبر (اي پي پي )گڏيل قومن چيو آهي ته سياري جي ??وس?? دوران غزه ۾ 3 لک 45 هزار ماڻهن کي تباهه ڪندڙ بک جهڙا مسئلا درپيش ٿي سگهن ٿا. پرڏيهي ميڊيا موجب گڏيل قومن پاران جاري جائزي ۾ چيو ويو آهي ته ا??ڪل 3 لک 45 هزار غزه جي شهرين کي سياري جي ??وس?? ۾ امداد نه پهچڻ سبب مشڪلاتون درپيش ٿينديون . رپورٽ ۾ پوري پٽي ۾ غذائي کوٽ سبب خبردار ڪيو ويو آهي ته گڏيل قومن جي ايجنسين ۽ غير سرڪاري تنظيمن طرفان تيار ڪيل رپورٽ ۾ نشاندهي ڪئي وئي آهي ته ا??و انگ انهن هڪ لک 33 هزار ماڻهن جي ??يٽ ۾ آهي جيڪي هن وقت به تباهه ڪندڙ غذائي عدم تحفظ جو شڪار آهن. انٽيگريٽڊ پرو ويزنل ڪلاسيفيڪيشن فار فوڊ سيڪيورٽي ( آئي پي سي ) جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته گرمي جي ??وس?? دوران انساني امداد ۾ اضافي سان غزه جي ماڻهن جي تڪليف ۾ ڪجهه گهٽتائي آئي پر سيپٽمبر ۾ واپاري ۽ انساني امداد جو هڪ ننڍو مقدار غزه ۾ داخل ٿيو. نومبر 2024 ۽ اپريل 2025 ۾ تباهه ڪندڙ غذائي عدم تحفظ کي منهن ڏيندڙ ماڻهن جو انگ 3 لک 45 هزار ماڻهن تائين ٿيڻ جو امڪان آهي. اهو آبادي جو 16 سيڪڙو حصو هوندو. رپورٽ ۾ چيو ويو ته ا??داد جي فراهمي ۾ گهٽتائي ايندڙ مهينن ۾ خاندانن جو پاڻ کي کاڌو کائڻ ۽ بنيادي شين ۽ خدمتن تائين پهنچ جي صلاحيت کي نمايان طور تي محدود ڪري ڇڏيندو اهو ان وقت تائين رهندو جيستائين صورتحال ۾ تبديلي نٿي اچي. ياد رهي ته آمريڪا گذريل ڏينهن اسرائيل کي خبردار ڪيو هيو ته اسرائيل کي ڏنل اربين ڊالرن جي فوجي امداد جو ڪجهه حصو ان صورت ۾ بند ڪري سگهي ٿو جيڪڏهن غزه پٽي کي 30 ڏينهن اندر امداد جي فراهمي ۾ بهتري نٿي اچي فلسطيني پناهگيرن لاءِ گڏيل قومن جي رليف اينڊ ورڪس ايجنسي( يو اين آر ڊبليو اي ) جي ??مشنر جنرل فلپ لازاريني خبردار ڪيو هو ته غزه ۾ ڏڪار جو خطرو آهي . فوڊ سيڪورٽي جي مربوط عبوري درجه بندي جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته نومبر 2024ع ۽ اپريل 2025 وچ ۾ ڏڪار جو خطرو آهي. هڪ اندازي موجب نومبر ۽ اپريل جي ??هن مهينن کان 04 سالن جي عمر جي ٻارن ۾ شديد غذائي کوٽ جا اٽڪل 60 هزار ڪيس ريڪارڊ ٿيڻ جو خدشو آهي. گڏيل قومن جي فوڊ اينڊ ايگريڪلچر آرگنائزيشن ( ايف اي او ) جي ??پٽي ڊائريڪٽر جنرل بيٿ بيچڊول چيو ته اسان کي شديد بک ۽ غذائي کوٽ ج?? گهٽتائي ک?? گهٽائڻ لاءِ فوري طور تي ڪم ڪرڻ گهرجي.
سياري جي مُند ۾ غزه ۾ ٽي لک 45 هزار ماڻهن کي غذائي کوٽ جهڙا مسئلا درپيش ٿي سگهن ٿا: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : como apostar na mega sena