پشاور – 25 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته حڪومت وفاق جي انتظام هيٺ ??بائلي علائقن (فاٽا) کي ملڪ جي ٻين علائقن جي برابر ت??قي ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي، فاٽا کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ جو معاملو مهينن جو نه پر ڏينهن جو آهي ۽ فاٽا سڌارن کي ڪجهه عنصرن پاران سياسي رنگ ڏيڻ مذمت جوڳو آهي جيڪي 2018ع جي عام چونڊن ۾ ان جوڪريڊٽ کڻڻ چاهين ٿا، فاٽا سڌارا آخري مرحلي ۾ آهن ۽ ڪجهه ڏينهن ۾ لاڳو ڪيا ويندا. جمردو خيبر ايجنسي ۾ ٽئين گورنر يوٿ اسپورٽس فيسٽيول 2017ع جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته گذريل چئن سالن دوران اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف ۽ سرتاج عزيز جي سربراهي ۾ فاٽا ريفارمز ڪميٽي فاٽا سڌارن جي ڊرافٽنگ جي لاءِ رڪارڊ ڪم ڪيو ۽ فاٽا ۾ لاڳو هڪ صدي پراڻي نظام جي تبديلي جي حوالي سان سمورين ڌرين کي اعتماد ۾ ورتو.
مضمون کا ماخذ : ٹمپل ٹمبل