اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان، چين، روس، ترڪيءَ، ايران ۽ افغانستان ??لائقائي سلامتي، خودمختياري ۽ آزادي جي تحفظ جي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته دهشتگردي جو تعلق ڪنهن به مذهب، قوميت، تهذيب، ثقافت يا نسلي گروپ سان نه ڳنڍڻ گهرجي، د??شتگردي اسان ??ي ملڪن سميت پوري دنيا جي لاءِ گڏيل خطرو آهي، اسان ??ن جي ڪنهن به قسم جي مذمت ڪريون ٿا، اسان ??ي حڪومتن کي گهرجي ته اهي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ٺوس حڪمت عملي ۽ گڏيل قدمن ذريعي عملي ۽ ٺ??س قدم کڻن، پاڪستان ۽ ڀارت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي روشني ۾ عالمي ۽ علائقائي امن کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جو پرامن حل ڪڍن، د??شتگردي جي نظرين جي پکيڙ ۽ پروپئگنڊه جي روڪٿام جو موثر تعاون ضر??ري آهي. اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندڙ پهرين اسپيڪرز ڪ??نفرنس جي پڄاڻي تي جاري ڪيل 29 نقاطي گڏيل پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته اسان ??يلٽ ۽ روڊ جي منصوبي جي سپورٽ ۽ ان ??ي آجيان ڪريون ٿا ۽ عالمي تعاون جي لاءِ مئي 2017ع ۾ چين ۾ منعقد ٿيندڙ بيلٽ ۽ روڊ فورم جي ڪاميابي کي ساراهيون ٿا.
اسپيڪرز ڪانفرنس جي پڄاڻي تي گڏيل پڌرنامو جاري
مضمون کا ماخذ : اضافی مرچ