گڏيل قومون-12 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش غزه جي پٽي ۾ طبي سامان، خوراڪ، ٻارڻ ۽ ٻي امداد پهچائڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي ??يو آهي ت?? امدادي ڪارڪنن جي علائقي ۾ پهچ يقيني بڻائڻ گهرجي. ترڪيه جي خابرو اداري موجب هن ??يو ته گڏيل قومون غزه ۾ امداد جي فراهمي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو. هن تڪرار جي سمورن ڌرين کي ??يو ته هو غزه جي پٽي ۾ بي يارو مددگار فلسطينين کي هنگامي امداد فراهم ڪرڻ لاءِ گڏيل قومن س??ن تعاون ڪن. هن عالمي برادري کي ان ڪوشش لاءِ فوري طور تي امداد گڏ ڪرڻ جي اپيل پڻ ڪئي، انتونيوگوتريش ??يو ته هو پاڻ ۽ وچ اوڀر امن عمل لاءِ گڏيل قومن جي رابطه ڪار ۽ خطي جي اڳواڻن س??ن رابطي ۾ آهي ته جيئن ڇڪتاڻ کي خطي ۾ وڏي پئماني تي پکڙجڻ کان روڪي سگهجي. هن ??يو ته کيس فلسطينين جي جائز شڪايتن ۽ اسرائيل جي پنهنجي سلامتي جي حوالي سان خدشن جو احساس آهي تنهن هوندي به ڌريون شهرين جي تحفظ کي يقيني بڻائين ۽ رتوڇاڻ، نف??ت ۽ ويڇي جو خاتمو ڪن. هن اسرائيل طرفان غزه تي فضائي بمباري ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 1200 کان وڌيڪ فلسطينين جي موت ۽ 5 هزار کان وڌيڪ جي زخمي ٿيڻ جي اطلاعن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. سيڪريٽري جنرل تڪراري ڌرين کي اهڙن قدمن کان پاسو ڪرڻ جو ??يو جتان واپسي نه ٿي سگ??ي ۽ جنهن س??ن انتهاپسند مضبوط ٿين ۽ پائيدار امن کي حاصل ڪرڻ جا امڪان ختم ٿيڻ جو خدشو آهي.
غزه ۾ هنگامي بنيادن تي ٻارڻ، طبي سامان ۽ خوراڪ پهچائڻ لاءِ پهچ يقيني بڻائڻ گهرجي: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا جیک پاٹ