نيويارڪ – 21 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته پاڪ چين لاڳاپا سياسي کان اقتصادي نوعيت جي رابطن جي صورت ۾ هڪ مختلف مرحلي ۾ داخل ٿي چڪا آهن جيڪا پاڪستان جي لاءِ انتهائي خوشي جي ڳالهه آهي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم نواز شريف چين جي وزيراعظم لي ڪي چيانگ سان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 71 هين اجلا?? جي موقعي تي ملاقات دوران ڪيو. وزيراعظم جي پرڏ??هي معاملن واري صلاحڪار سرتاج عزيز، وزيراعظم جي پرڏ??هي معاملن وارو خصوصي معاون طارق فاطمي ۽ پرڏ??هي سيڪريٽري اعزاز احمد چوڌري ۽ ٻين وزيراعظم جي مدد ڪئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ چين پاران پنهنجي عوام ۽ خطي جي لاءِ امن ۽ ترقي جي گڏيل ويزن تي ٻڌل گهرن رابطن جي لاءِ ڪوششن تي اطمينان جو اظهار ڪيو.
مضمون کا ماخذ : اسلام آباد لاٹری