اسلام آباد – 09 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته زمين تي سڀ کان بهترين صدقه جاريه وڻ لڳائڻ آهي، اها اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي ته اسان وڻڪاري ذريعي ملڪ کي سرسبز ۽ صاف بڻايون، ڪو??ونا وائرس جي وبا اڃا ختم ن??هي ٿي، ان لاءِ عوام ايس او پيز تي عمل ڪري. ڪو??نگ پارڪ ۾ ٽائيگر فورس ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ رضاڪارن جي ميڙ کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي ملڪ امين اسلم پڻ خطاب ڪيو. وزيراعظم چيو ت?? اسان پنهنجا ٻيلا ڪاٽي ملڪ جو نقصان ڪيو آهي، جيڪڏهن گرمي وڌندي رهي، گليشيئر پگهرندا رهيا ته دريائن ۾ پاڻي گهٽ ايندو ان سان اسان جون زمينون ريگستان بڻجي وينديون، ان سان بک ۽ بدحالي پکڙجندي. وزيراعظم چيو ت?? پنهنجي ايندڙ نسلن، پ??هنجي ٻارن جي لاءِ اسان سڀني جي ذميواري آهي ته پنهنجي ملڪ کي سرسبز بڻائڻ جي لاءِ پوري ڪو??ش ڪريون. هن چيو ت?? هي اسان جيڪي اڄ 35 لک وڻ لڳايا آهن اها هڪ شروعات آهي، هي مسلسل جدوجهد ۽ جهاد آهي، اسان اهو پنهنجي لاءِ نه پر پنهنجي ايندڙ نسلن جي مستقبل لاءِ ڪري رهيا آهيون. هن چيو ت?? جڏهن قو??ون منظم ٿي فيصلا ڪن ٿيون ته الله جي زمين تي نقصان بدران بهتري اچي ٿي. هن چيو ت?? سڀ کان بهترين صدقه جاريه زمين تي وڻ لڳائڻ آهي. هن چيو ت?? اڄ سڄي ٽائيگر فورس، نوجوان ۽ انتظاميا جيڪي هتي شريڪ ٿيا انهن جا ملڪ پاران ٿورا مڃان ٿو، اسان کي ملڪ کي سرسبز ڪرڻو آهي ان ۾ وڻ لڳائڻا آهن. وزيراعظم چيو ت?? قو?? جي اتفاق راءِ سان فيصلن جا سدائين مثبت نتيجا نڪتا آهن، ڪو??ونا وائرس جي وبا ۾ ملڪ جي ڪاميابي ان جو مثال آهي. هن چيو ت?? ماحولياتي تبديلي به ملڪ کي متاثر ڪري رهي آهي، ان جي وڏي نشاني هلندڙ سال ڪڻڪ جي پيداوار ۾ 15 لک ٽن گهٽتائي آهي، ڇو ت?? برساتن ڪڻڪ جي فصل کي بري طرح متاثر ڪيو.
زمين تي سڀ کان بهترين صدقه جاريه وڻ لڳائڻ آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : como ganhar na raspadinha