ڪراچي – 11 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مسلمان ??مت جي ??فا??ي صلاحيتن ۾ اضافي کانسواءِ فڪري ۽ سائبر حملن سميت جديد جنگي محاذن تي موثر مقابلو ??رڻ لاءِ فوري اطلاع ۽ انٽيلي جنس تي ٻڌل ڀرپور قومي تيارين تي زور ڏنو آهي. هن عراق ۾ آمريڪي مداخلت ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت پاران ??ازي مواصلاتي بندشن جو ذڪر ڪندي چيو آهي ته مسلمانن کي ??نه??جي اخلاقي قدرن کي فروغ ڏيڻ گهرجي جيڪي دنيا ۾ سلامتي ۽ عظمت کي برقرار رکڻ لاءِ ايترائي اهم آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي ۾ پي اي ايف ايئر وار ڪاليج کي انسٽيٽيوٽ جو درجو ڏيڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. جنوري 1959 تي ان ??سٽاف ڪاليج جو ان وقت جي صدر محمد ايوب خان ??فتتاح ڪيو هو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي جيڪو هن انسٽيٽيوٽ جو پهريون چانسلر آهي، تنهن معياري پيشيوراڻي تربيت ۽ تعليم سان گڏوگڏ اخلاقيات جي اهميت تي به زور ڏنو. ملڪ جي مضبوط ??فا??ي نظام کي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان هن چيو ته پاڪستان ??ي هٿياربند فوج دنيا ۾ ??فا??ي شعبي ۾ ڪنهن به اڳڀرائي تي پورو لهندي آهي. هن ??فا??ي تعليم ۽ تربيتي انسٽيٽيوٽ جي صلاحيت ۾ اضافي سان گڏوگڏ جديد تعليم ۽ ٽيڪنالاجيز سان پاڻ کي ليس ڪ??و آهي جنهن سان کيس بهترين ??فا??ي حڪمت عملين کي حاصل ??رڻ ۾ مدد ملندي.
مسلمانن کي پنهنجي اخلاقي قدرن کي فروغ ڏيڻ گهرجي: صدر
مضمون کا ماخذ : خون چوسنے والے II