اسلام آباد – 12 اپريل (اي پي پي) منصوبابندي ۽ ترقي ??اري وفاقي ??زير اسد عمر چيو آهي ته آدمشماري جي بنيادي فريم ورڪ تي 6 کان 8 هفتن ۾ ڪم مڪمل ٿي ويندو ۽ سيپٽمبر يا آڪٽوبر ۾ نئين آدمشماري جو عمل شروع ٿي ويندو، نئين آدمشماري جو عمل مارچ 2023ع تائين مڪمل ڪيو ويندو، آدمشماري اليڪشن جو بنياد بڻجندي آهي ۽ 2023ع اليڪشن نئين آدمشماري موجب نه ٿي ته ننڍن صوبن جي نمائندگي گهٽ ٿي ويندي. گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس کانپوءِ اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اسد عمر چيو ته آدمشماري جي حوالي سان ڪابينا جي ڪميٽي پڻ ٺاهي وئي ۽ ان ان حوالي سان پنهنجون سفارشون به جوڙيون. هن چيو ته آدمشماري اليڪشن جو بنياد بڻجندي آهي ۽ تاز?? تڪبندين جي بنياد ت?? تڪبنديون ڪيون وڃن ٿي??ن ۽ انهي جي بنياد تي اليڪشن ڪرايون وڃن ٿيون ج??هن ته 2018ع جي اليڪشن کي خاص آئيني ترميم ذريعي خصوصي ڇوٽ ڏني وئي هئي. هن چيو ته ضمني چونڊون پراڻ?? تڪبندين ۽ آدمشماري سان ٿي سگهن ٿيون پر مقامي حڪومتن جون چونڊون نئين آدمشماري جي بنياد تي ئي ٿيندي??ن ۽ ان ۾ عدليه جي به تمام گهڻي دلچسپي آهي. وفاقي ??زير چيو ته 2023ع اليڪشن کان اڳ آدمشما??ي تي حتمي فيصلو نه ٿيو ته آئيني ترميم جي ڇوٽ ختم ٿيڻ سبب ايندڙ اليڪشن 1998ع جي ئي آدمشماري جي بنياد تي ٿينديون جنهن جي نتيجي ۾ ٽنهي ننڍن صوبن جي اسيمبلي ۾ نمائندگي گهٽ ٿي ويندي ۽ پنجاب جي نمائندگي وڌي ويندي.
آدمشماري جي بنيادي فريم ورڪ تي 6 کان 8 هفتن ۾ ڪم مڪمل ٿي ويندو: اسد عمر
مضمون کا ماخذ : loterias da caixa