اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ن??ڻي واري وزير شوڪت فياض ترين ملاقات ڪئي. ن??ڻي واري وزير وزيراعظم کي ڪامياب پا??ست??ن پروگرام تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. ڪامياب پا??ست??ن پروگرام نه رڳو نوجوانن ک?? آسان قسطن تي قرض جي فراهمي سان پنهنجو روزگار فراهم ڪندو پر وچولي طبقي کي پنهنجي ڇت حاصل ڪرڻ لاءِ به قرض فراهم ڪندو. ان کانسواءِ آبادگارن جي مالي مدد جنهن ۾ جديد ٽيڪنالاجي ۽ مشينري کي حاصل ڪرڻ لاءِ قرض به شامل آهي سان زراعت جي شعبي ۾ به نمايان ترقي ممڪن ٿي سگهندي، وزيراعظم ڪامياب پا??ست??ن پروگرام تي اڳڀرائي کي تسلي بخش قرار ڏيندي چيو ته اهو پا??ست??ن جي تاريخ جو پهريو اهڙو پروگرام آهي جيڪو ماڻهن ک?? روزگار، پنهنجو گهر ۽ زرعي مشينري حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪندو. ان سان نه رڳو روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا پر معيشت تي مثبت اثر پوندا.
مضمون کا ماخذ : فروٹ شاپ