ڪراچي – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي چي?? آهي ته پاڪستاني قوم ماحوليات جي شعبي جي بهتري جو ڪم هڪ جذبي تحت شروع ڪيو آهي، وزيراعظم عمران خان خيبرپختونخواهه ۾ صوبائي حڪومت جي دوران ماحول جي بهتري لاءِ بلين ٽري سونامي منصوبو شروع ڪيو. مزار قائد جي اڱڻ ۾ جناح اربن فاريسٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي هن چي?? ته منهنجي دور ۾ ايوان صدر ۾ اٽڪل 10 هزار ٻوٽا لڳاي?? ويا آهن. هن چي?? ته ڪراچي ۾ هڪ لک کان وڌيڪ ٻوٽا شهرين کي گهر جي درن تي فراهم ڪي?? ويا آهن. ان کانپوءِ هڪ نئين سوچ تهت پنسلون سان گڏ ٻج لڳائي اسڪولن ۾ ورهاي?? ويا آهن. صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي چي?? ته نه رڳو ٻوٽا ورهاي?? ويا آهن پر اسڪولن ۾ هر ڪلاس جي سطح تائين وڻڪاري دوران نوان لڳاي?? ويندڙ ٻوٽن جي حفاظت جي ذميواري پڻ شاگردن کي ڏني وئي آهي. هن چي?? ته شهر ۾ ڪاروباري، سماجي ذميواري جي بنياد تي 15 ايڪڙ زمين تي مياواڪي ٻيلو لڳائڻ جي لاءِ پڻ ڪوششون ڪيون پيون وڃن. هن چي?? ته ڪوويڊ 19 جي وبا دوران سڄي دنيا ۾ ماحول بهتر ٿيو آهي جنهن جو مطلب آهي ته قدرت اسان کي ماحوليات جي شعبي تي ڌيان ڏيڻ جا اشارا ڪري رهي آهي. ڊاڪٽر عارف ع??وي افسوس جو اظهار ڪندي چي?? ته اسان جا سياح غيرذميواري جو مظاهرو ڪندي سياحتي جاين تي ڪچرو اڇلائي ڇڏين ٿا. هن چي?? ته پاڪستان ۾ ئي نه پر عالمي سطح تي اهو هڪ مسئلو بڻجي چڪو آهي ۽ سياحتي جاين تي اڇلايو ويندڙ ڪچري کي گڏ ڪري ٺڪاڻي لڳائڻ هڪ مسئلو بڻجي چڪو آهي. صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي چي?? ته اهو تاثر غلط آهي ته حڪومت پنهنجي وڌيڪ بجيٽ دفاع تي خرچ ڪري ٿي جڏهن ته حقيقت اها آهي ته حڪومت بجيٽ جو هڪ وڏو حصو تعليم تي خرچ ڪري ٿي.
پاڪستاني قوم ماحوليات جي شعبي جي بهتري جو ڪم هڪ جذبي تحت شروع ڪيو آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی قانونی حیثیت