اسلام آباد – 27 – اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم خان دراني چيو آهي ته عوامي مسئل?? کي حل ڪرڻ ۽ عام ماڻهو جي زندگي جي معيار کي بلند ڪرڻ موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي ۽ ان مقصد کي ح??صل ڪرڻ لاءِ سمورن دستياب وسيل?? کي استعمال ۾ آندو ويندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار سوئي سدرن گئس پائپ لائين لميٽيڊ (ايس اين جي پي ايل) جي مينيجنگ ڊائريڪٽر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن پارليامينٽ هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ايس اين جي پي ايل خيبرپختونخوا جو جنرل مينيجر پُڻ موجود هو. ملاقات ۾ ڏاکڻي ضلعن خاص طور تي اين اي 35 بنون ۾ سوئي گئس بابت مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ڊپٽي اسپيڪر ايس اين جي پي ايل جي ايم ڊي سان ڳالهائيندي چيو ته خيبرپختونخوا جي ڏاکڻي ضلعن ۾ قدرتي گئس جا وڏي مقدار ۾ ??خي??ا موجود آهن جنهن مان نه رڳو خيبرپختونخوا پر ملڪ جي ٻين حص?? کي به گئس فراهم ڪئي ويندي آهي، تنهن هوندي به انهن ضلعن جي رهندڙ?? کي گئس جي سپلائي، لوڊشيڊنگ، گهٽ پريشر جهڙا مسئلا درپيش آهن، ڊپٽي اسپيڪر قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 35 بنون جي مختلف يونين ڪائونسلن ۽ علائقن ۾ سوئي گئس جي لوڊشيڊنگ، گهٽ پريشر ۽ سپلا??ي بابت مسئل?? کي فوري طور تي حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي، ايس اين جي پي ايل جي ايم ڊي علي جاويد حمداڻي ڊپٽي اسپيڪر کي قومي اسيمبلي کي ڏاکڻي ضلعن خاص طور تي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 35 جي گئس بابت مسئل?? کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.
عوامي مسئلا حل ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي: زاهد اڪرم خان دراني
مضمون کا ماخذ : loteria com prêmio acumulado