اسلام آباد – 04 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي ماٺ ڪري ويهڻ ۽ 2023ع تائين انتظار ڪرڻ جو مشورو ڏيندي چيو آهي ته عمران خان شهباز شر??ف جي ڪارڪردگي کان ڊنل آهي، عمران خان کي خبر آهي ته شهباز شر??ف انهي محنت ۽ ڌيان سان ڪم ڪندو رهيو ته مهانگائي گهٽ ٿي ويندي. پنهنجي ??يان ۾ هن چيو ته عمران خان کي خبر آهي ته شهباز شر??ف معيشت ٺيڪ ڪري ڇڏين??و، هن کي اها به خبر آهي ته شهباز شر??ف سمورن ملڪن کان خراب لاڳاپن کي ٺيڪ ڪري ڇڏين??و، هن چيو ته عمران خان کي يقين آهي ته شهباز شر??ف کي ڪم ڪرڻ ڏنو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري واپس آڻين??و، شهباز شر??ف انشاءُ الله نوجوانن کي روزگار ڏيندو. هن چيو ته احتساب، مديني جي ??ياست، سازش جا بيانيا دفن ٿيڻ کانپوءِ عمران خان جو نئون بيانيو ڏيڍ مهيني جي ڪارڪردگي بڻجي ويو آهي، هن چيو ته پنهنجي نالائقي، نااهلي، ڪرپشن ۽ سياسي منافقت جو چهرو آئيني جي ??امهون ڏسي ۽ پوءِ تقرير ڪندو وڃي، ماٺ ڪري گهر ويهو ۽ 2023ع ۾ وڌيڪ رد ٿيڻ جو انتظار ڪيو، وفاقي وزير چيو ته شهباز شر??ف توهان جي ??باهه ڪيل معيشت سنڀاليندو ۽ توهان جي پکيڙيل فتني جو به خاتمو ڪندو. عمران خان 2014ع ۾ ڪنٽينر تي به نواز شر??ف ۽ شهباز شر??ف، حڪومت ۾ به نواز شر??ف ۽ شهباز شر??ف ۽ پوءِ ڪنٽينر تي نواز شر??ف ۽ شهباز شر??ف جي ??لاف ڳالهائيندو رهيو، هن چيو ته شهباز شر??ف عمران خان جي ??باهه ٿيل معيشت کي ٺيڪ ڪري رهيو آهي، ان جي لڳايل مهانگائي، بيروزگاري ۽ معاشي تباهي جي ??اهه شهباز شر??ف وسائي رهيو آهي، چار سالن ۾ معاشي تباهي ۽ مهانگائي آڻيندڙ لاڏلو ڏيڍ مهيني جو حساب گهري رهيو آهي. اي پي پي/ر – م/ش – چ 19:45
عمران خان شهباز شريف جي ڪارڪردگي کان ڊنل آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : apostas lotomania