اسلام آباد – 21 سيپٽمبر (اي پي پي) ايشي??ئي ترقياتي بئنڪ چيو آهي ته تازي بدترين ٻوڏ، ما??ياتي ۽ ٻاهرين ادائيگين ۾ توازن لاءِ سخت گير پاليسين سبب ما??ي سال 2023ع ۾ پاڪستان جي معيشت جي واڌ جي ??رح 3.5 سيڪڙو تائين رهڻ جو امڪان آهي. اها ڳالهه ايشي??ئي ترقياتي بئنڪ ايشين ڊولپمينٽ آئوٽ لڪ 2022ع جي نالي سان شايع ٿيل رپورٽ ۾ چئي آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 2020ع ۾ 6 سيڪڙو واڌ جي باوجود هاڻوڪي بدترين ٻوڏ، ما??ياتي ۽ ٻاهرين ادائيگين ۾ توازن لاءِ سخت گير پاليسين سبب ما??ي سال 2023ع ۾ پاڪستان جي معيشت جي واڌ جي ??رح 3.5 سيڪڙو تائين رهندي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ما??ي سال 2022ع ۾ مقامي گهرج ۾ اضافو، زراعت، خدمتن ۽ وڏين صنعتن جي پيداوار ۾ نمايان واڌ سبب جي ڊي پي ۾ 6 سيڪڙو اضافو ممڪن ٿيو تنهن هوندي به 2023ع ۾ ماحولياتي رڪاوٽن، ڊبل ڊيجٽ ناڻي واڌ ۽ سخت ما??ي ۽ ما??ياتي پاليسي سبب پاڪستان ۾ جي ڊي پي جي واڌ جي اڳڪٿي کي گهٽ رکيو ويو آهي، پاڪستان ۾ ايشي??ئي ترقياتي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ينگ يي ٻڌايو ته تازي بد ترين ٻوڏ پاڪستان جي معاشي منظرنامي لاءِ وڏا خطرناڪ خدشا پيدا ڪيا آهن، هن چيو ته اسان کي اميد آهي ته ٻوڏ کانپوءِ نئين سر تعمير ۽ بحالي جي سرگرمين لاءِ چڱي خاصي عالمي مدد حاصل ٿيندي جنهن سان واڌ ۾ اضافي کانسواءِ سماجي ترقي ۽ معاشري جي معاشي طور تي ڪمزور طبقن کي محفوظ بڻائڻ ۾ مدد ملندي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سال 2022ع ۾ گهرج ۾ 10 سيڪڙو اضافو ٿيو جنهن سان روزگار ۽ ماڻهن جي آمدني ۾ اضافو ٿيو، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سال 2022ع ۾ زراعت جي شعبي ۾ 4.4 سيڪڙو جي واڌ ٿي تنهن هوندي به ٻوڏ سبب ايندڙ سال ۾ ان شعبي ۾ وڏي واڌ جي اميد آهي. رپورٽ ۾ ناڻي واڌ جو دٻاءُ ۽ ان جي ??رح 18 سيڪڙو تائين رهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.
بدترين ٻوڏ سبب 2023ع ۾ پاڪستان جي معيشت جي واڌ جي شرح 3.5 سيڪڙو تائين رهڻ جو امڪان آهي: ايشيائي ترقياتي بئنڪ
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نتائج