نيويارڪ – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي جن??ل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي اعليٰ سطحي مباحثي ۾ شرڪت کانپوء?? آمريڪا کان لنڊن روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي سفير منير اڪرم، آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خان، قونصل جن??ل عائشه علي ۽ ٻين اعليٰ عملدارن وزيراعظم کي الوداع ڪيو. وزيراعظم 20 کان 26 سيپٽمبر تائين جاري گڏيل قومن جي جن??ل اسيمبلي جي اجلاس کي اهم خطاب ڪيو. ان کانسواء?? آمريڪي صدر جو بائيڊن سميت سڄي دنيا جي مملڪتي سربراهن سان ملاقاتون پڻ ڪيون. هن جن??ل اسيمبلي جي صدر سي سابا ڪو??وسي، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جن??ل انتونيو گوتريس، آءِ ايف آئيز، عالمي ادارن ۽ عطيو ڪندڙ تنظيمن جي سربراهن سان پڻ ملاقاتون ڪيون. وزيراعظم سان اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، خاص معاون طارق فاطمي ۽ احد چيما پڻ گڏ هئا.
وزيراعظم شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي اعليٰ سطحي مباحثي ۾ شرڪت کانپوءِ آمريڪا کان لنڊن روانو
مضمون کا ماخذ : loteria Ceará