اسلام آباد– 01 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سرڪاري عمارتن جي سو??رائيزيشن جي عمل کي تيز ڪري مقرر مدي ۾ منصوبو مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته سو??رائيزيشن سان درآمدي ٻارڻ جي مد ۾ قيمتي پرڏيهي ناڻي جي بچت ٿيندي. ملڪ ۾ توانائي بچت جي قدمن تي عملدرآمد جي حوالي سان جائزه اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ملڪ گير سو??رائيزيشن منصويي تي عملدرآ۾د پاڪستان ۾ درآمدي ٻارڻ تي خرچ ٿيندڙ قيمتي پرڏيهي ناڻي جي بچت يقيني بڻائيندو. هن هدايت ڪئي ته سرڪاري عمارتن جي سو??رائيزيشن جي عمل کي تيز ڪري مقرر مدي ۾ ان کي مڪمل ڪيو وڃي. وزيراعظم ملڪ ۾ اليڪٽرڪ موٽ??سا??يڪلز ۽ سو??ر پينلز جي پيداوار جي لاءِ پاليسي کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ، ملڪ ۾ وڌيڪ بجلي جي کپت وارن پنکن کي بدلائڻ جي ٺوس حڪمت عملي جوڙي پيش ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ توانائي جي بچت جي لاءِ اين اي اي سي اي کي وڌيڪ فعال ۽ بااختيار بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اجلاس کي 10 هزار ميگاواٽ سو??رائيزيشن منصوبي، مقامي سطح تي سو??ر پينلز ۽ اليڪٽرڪ موٽ??سا??يڪلز جي پيداوار، گيزرز ۾ ڪونيڪل بيفلز هڻڻ، بجلي جي گهٽ کپت وارن پنکن ۽ بلبن جي پيداوار تي بريف??گ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته مجموعي طور تي 671 سرڪاري عمارتن جي سو??رائيزيشن جو عمل ??روع آهي جڏهن ته تعليم واري وزارت تحت ايندڙ 600 عمارتن وٽ پنهنجي بجيٽ موجود آهي جنهن کي ان مقصد جي لاءِ استعمال ۾ آڻڻ جي تجويز غور هيٺ آهي. ان کانسواءِ 11 ڪلو واٽ جي فيڊرز جي سو??رائيزيشن جو عمل پڻ شروع آهي. وزيراعظم چيو ته ان سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جو تعطل برداشت نه ڪيو ويندو. ان کانسواءِ صنعت واري وزارت پاران اجلاس کي ٻڌايو ويو ته مقامي سطح تي سو??ر پينلز ۽ اليڪٽرڪ موٽ??سا??يڪلز جي پيداوار جي لاءِ پاليسي جي بنيادي خدوخال جوڙي مختلف ادارن کان ان تي راءِ ورتي پئي وڃي، ايندڙ مهيني پاليسي مڪمل ڪري ان کي جاري ڪيو ويندو. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ نئين گيزرز جي تياري ۾ ڪونيڪل بيفلز کي لازمي قرار ڏنو ويو آهي. وڌيڪ پراڻي گيزرز ۾ به ڪونيڪل بيفلز هڻڻ جي لاءِ حڪمت عملي کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي. ان کانسواءِ ملڪ ۾ انرجي ايفيشينٽ پنکا ۽ بلب ٺاهڻ جي لاءِ پڻ قدم مڪمل ??هن، ايندڙ مالي سال کان ملڪ ۾ وڌيڪ بجلي جي کپت وارا پنکا ۽ بل نه ٺاهيا ويندا. وزيراعظم هدايت ڪئي ته سمورن قدمن تي مقرر مدي ۾ عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي. اجلاس ۾ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، وفاقي وزيرن اسحاق ڊار، انجنيئر خرم دستگير خان، مخدوم مرتضيٰ محمود، پيٽروليم واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، خاص معاونين جهانزيب خان، سيد فهد حسين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.
وزيراعظم پاران سرڪاري عمارتن جي سولرائيزيشن جي عمل کي تيز ڪري مقرر مدي ۾ منصوبو مڪمل ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : loteria estadual