اسلام آباد – 24 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سا?? گورنر هائوس ڪراچي ۾ عيد ملن جي تقريب ۾ غيرملڪي سفارتڪارن، بيوروڪريٽس، سول سوسائٽي جي ميمبرن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سا?? تعلق رکندڙ شخصيتن ملاقات ڪئي. ايوان صدر ج?? پريس ونگ موجب صدر ۽ سفارتڪارن هڪ ٻئي کي عيد جي مبارڪباد ڏني ۽ ٻطرفي دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي انڊونيشيا، جاپان، چين، سعودي عرب ۽ ٻين ملڪن جا سفارتڪار موجود هئا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي دوست ملڪن سا?? گڏيل فائدي جي لا??ِ ٻطرفي اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ تي زور ڏنو. هن سفارتڪارن تي زور ڏنو ته اهي موجوده ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۽ پاڪستان سا?? ٻطرفي واپاري تعاون کي وڌائڻ جي لا??ِ ڪم ڪن. بعد ۾ سول سوسائٽي جي ميمبرن صدر سا?? انهن قدمن بابت به ڳالهه ٻولهه ڪئي جيڪي مصنوعي ذهانت ۽ ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ تي صدارتي قدمن تحت مختلف ڪمپيوٽر ڪورسز جي ذريعي روزگار حاصل ڪرڻ جي لا??ِ نوجوانن جي حوصلا افزائي جي لا??ِ کڻي سگهجن ٿا. صدر سينيئر بيوروڪريٽس ۽ زندگي جي مختلف شعبن سا?? تعلق رکندڙ ماڻهن سا?? پڻ ملاقات ڪئي.
صدر سان غيرملڪي سفارتڪارن، بيوروڪريٽس، سول سوسائٽي جي ميمبرن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ شخصيتن جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : سندھ لاٹری