اسلام آباد-03 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري تي حڪومت طر??ان مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي آهي. وزيراعظم آفيس طر??ان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف اها ڳالهه ترڪيه جي دوري دوران انقره ۾ دولسار ان??نيئرنگ جي چيئرمين عرفان آڪر سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ دولسار ان??نيئرنگ جي جاري توانائي ۽ تعميراتي منصوبن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. عرفان آڪر پاڪستان ۾ توانائي ۽ تعميراتي شعبي ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم دولسار ان??نيئرنگ جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ ۾ دلچسپي جي آجيان ڪئي ۽ حڪومت طر??ان ??ن حوالي سان مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي. ملاقات ۾ سڌ سماءُ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، خاص مددگار طارق فاطمي ۽ پاڪستان جو ترڪيه ۾ سفير ڊاڪٽر يوسف جنيد به شريڪ هئا.
مضمون کا ماخذ : apostas lotofácil