پشاور – 22 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ??هي ته ترقي ۽ روشن مستقبل جي لاءِ اعليٰ تعليم جو فروغ لازمي آهي، هن يونيورسٽين تي زور ڏنو ته اهي پاڪستان جي ترقي جي لاءِ گريجوئيٽس جو انگ وڌائڻ جي لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪن. صدر اهڙن خيالن جو اظهار خيبرپختونخواهه جي گورنر حاجي غلام علي، نگران وڏي وزير محمد اعظم خان ۽ صوبائي ڪابينا جي ميمبرن سان گورنر هائوس ۾ ملا??ات دوران ڪيو. اعليٰ سطحي اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري ۽ انسپيڪٽر جنرل آف پوليس خيبرپختونخواهه پڻ شرڪت ڪئي. ملا??ات ۾ صوبي جي انتظامي ۽ مالي معاملن سميت امن امان جي مجموعي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملا??ات ۾ سڄي صوبي خاص طور تي ضم ٿيل ضلعن ۾ ترقياتي معاملن بابت پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. انضمام کانپوءِ قبائلي عوام کي درپيش مشڪلاتن ۽ مسئلن جي حل لاءِ آئين ۽ ق??نون موجب قدم کڻڻ بابت معاملا پڻ بحث هيٺ آيا. ملا??ات ۾ صوبي ۾ پبلڪ سيڪٽرز يونيورسٽين جي مالي ۽ انتظامي مشڪلاتن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. صدر چيو ته اعليٰ تعليم تمام اهم شعبو ??هي ۽ خيبرپختونخواهه جون يونيورسٽيون ملڪ جي خوشحالي جي لاءِ ٽيڪنالاجي جي مدد سان گريجوئيٽس جي انگ ۾ اضافو ڪري سگهن ٿيون. هن خيبرپختونخواهه جي يونيورسٽين تي زور ڏنو ته اهي آن لائين تعليم جي ڪاٿي ۾ اضافو ڪن ۽ معياري فني ۽ پيشيواراڻي تعليم يافته افرادي قوت جو هڪ وڏو انگ پيدا ڪرڻ جي لاءِ مختلف شفٽس شروع ڪن جيڪي پائيدار ترقي ?? سماجي اقتصادي ترقي جي لاءِ لازمي آهن. هن يونيورسٽيز انتظاميا کي چيو ته اهي پنهنجي مالياتي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ گرانٽ جي ماهر جون خدمتون ??اص?? ڪن. نگران وڏي وزير محمد اعظم خيبرپختونخواهه جي يونيورسٽين ۾ وائيس چانسلرز جي جلد مقرري جي ضرورت تي زور ڏنو. ان موقعي تي صوبائي حڪومت جي عملدارن يونيورسٽين جي موجوده مالياتي ۽ انتظامي معاملن بابت بريفنگ ڏني.
ترقي ۽ روشن مستقبل جي لاءِ اعليٰ تعليم جو فروغ لازمي آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : میگا سینا پریمیو