اسلام آباد – 13 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ماڻهن کي ڊگهي صحتمند زندگي گذارڻ جي قابل بڻائڻ جي لاءِ ڇاتيءَ جي ڪينسر ۽ پاڻي سان پيدا ٿ??ند?? بيمارين جهڙن مرضن جي روڪٿام ۽ جلد تشخيص تي زور ڏيندي چيو آهي ته حياتي کس??ند?? بيمارين جي خلاف ماڻهن کي تيار ڪرڻ جي لاءِ احتياطي تدبيرن ۽ وسيع پئماني تي آگاهي تمام ضروري آهي. سيمنز هيلٿينيئرز جي اهتمام هيٺ هڪ آگاهي پروگرام ۾ ورچوئل طور خطاب ڪندي هن پاڪستان جي صحت ۽ تع??يم جي شعبن ۾ بهتري جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته محدود وسيلن جي باوجود پاڪستان جهڙي اسرندڙ ملڪ کي عوام جي صحت ۽ تع??يم کي ترجيح ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته حياتي کس??ند?? بيمارين جي حملي جي خلاف ماڻهن کي تيار ڪرڻ جي لاءِ احتياطي تدبيرن ۽ وسيع پئماني تي آگاهي تمام ضروري آهي. هن چيو ته پاڙيسري ملڪ جتي موت جي شرح وڌيڪ رهي ان جي مقابلي ۾ پاڪستان وٽ ڪوويڊ 19 کي موثر ۽ ڪاميابي سان منهن ڏيڻ جو تجربو آهي. ڪوويڊ کي ڪنٽرول ۾ رکڻ جي لاءِ ماڻهن ۾ آگاهي اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته ماڻهن حڪومت جي ماسڪ پائڻ، فاصلو رکڻ ۽ احتياطي تدبي??ون اختيار ڪرڻ جي مشوري تي عمل ڪيو ۽ ملڪ کي آخرڪار ان چئلينج تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملي. صدر ماڻهن تي زور ڏنو ته اهي موذي بيمارين جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي لاءِ صفائي يقيني بڻائين. صدر عارف علوي وڌيڪ چيو ته مذهبي عالم سڳورا مسجدن ۾ پنهنجي خطبن دوران حفظان صحت جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. صدر عورتن جي صحت کي بريسٽ ڪينسر سان لاحق خطرن بابت آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ بيگم ثمينه علوي جي ڪوششن کي ساراهيو. پاڪستان ۾ عورتن ۾ بريسٽ ڪينسر جي دير سان تشخيص جا سبب ٻڌائيندي هن چيو ته عورتون ڪنهن به غيرمعمولي علامتن بابت معلومات شيئر ڪرڻ ۾ هٻڪ محسوس ڪن ٿيون جيڪو ڇاتيءَ جي ڪينسر جي اسڪريننگ ۾ دير جو سبب آهي. هن چيو ته جيڪي ماڻهو جلد اسڪريننگ جي لاءِ وڃن ٿا انهن جي ڇاتيءَ جي ڪينسر کان بچڻ جا امڪان 99 سيڪڙو آهن تنهن ڪري عورتن کي گهرجي ته اهي پنهنجي اسڪريننگ ڪرائين. هن پاڪستان ۾ برين ڊرين طرف اشارو ڪندي چيو ته اعليٰ تع??يم حاصل ڪندڙ عورتن جو هڪ وڏو انگ يا ته گهر ۾ رهڻ کي ترجيح ڏي ٿو يا ٻاهرئين ملڪ بهتر موقعا ڳولڻ ۾ نڪري وڃي ٿو جنهن جي نتيجي ۾ مختلف شعبن ۾ پيشيور ماڻهن جي دستيابي جي کوٽ آهي. صدر چيو ته تعليمي ادارا عورتن کي هراسمينٽ کان پاڪ ماحول فراهم ڪرڻ کي يقيني بڻائين. هن چيو ته اها ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي ته پاڪستان ۾ 10 سيڪڙو آبادي هيپاٽائيٽس ۾ مبتلا آهي. هن وڌيڪ چيو ته بل اينڊ ملنڊا گيٽس فائونڊيشن جي تعاون سان پاڪستان پوليو جو اٽڪل خاتمو ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته پاڪستان افغانستان سرحد تي ڪجهه ڪيسز رپورٽ ٿيا. صدر چيو ته مصنوعي ذهانت ۽ ٻين ٽيڪنالاجي جي اوزارن ۾ تيزي سان اڳڀرائي ڪيترين ئي بيمارين جي جلد تشخيص کي ممڪن بڻائي رهي آهي. هن ذهني مرضن جي علاج جي لاءِ بهتر انفراسٽرڪچر جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ۽ چيو ته پاڪستان ۾ نفسياتي ماهرن جو انگ گهٽ آهي ۽ آن لائين خدمتن جي ذريعي ماڻهن کي علاج جي فراهمي تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ گهرجي. ان کان اڳ بيگم ثمينه علوي صحت جي شعبي ۾ خدمتون سرانجام ڏ??ند?? هيلٿ پريڪٽيشنرز ۾ ايوارڊ ورهايا. ناليواري اداڪاره ناديه جميل سميت ڪينسر کان بچي و??ند?? ڪيترن ئي ماڻهن پڻ ان موذي مرض سان پنهنجي جدوجهد ۽ پنهنجي صحتيابي بابت ٻڌايو. ان موقعي تي سيمنز جي نمائندن ??ري??ن جي لاءِ بهتر تشخيصي سهولتن کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي ڪوششن تي روشني وڌي.
ماڻهن کي ڊگهي صحتمند زندگي گذارڻ جي قابل بڻائڻ لاءِ ڇاتيءَ جي ڪينسر ۽ پاڻي سان پيدا ٿيندڙ بيمارين جي روڪٿام ۽ جلد تشخيص جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : گنہادورس دا میگا سینا