اسلام آباد- 27 جولاءِ ( اي پي پي) قومي ا??تصادي ڪائونسل جي ا??تظامي ڪميٽي ا??ڪنڪ 1200 م??گا??اٽ جي حامل چشما نيوڪليئر پاور پراجيڪٽ يونٽ 5 منصوبي سميت اهم منصوبن جي منظوري ڏئي ڇڏي. قومي ا??تصادي ڪائونسل جي ا??تظامي ڪميٽي ا??ڪنڪ جو اجلاس ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزير سيد نويد قمر، وزيراعظم جي خاص مددگار طارق باجوا، وزيراعظم جي خاص مددگار طارق محمود پاشا، وفاقي سيڪريٽريز، سينيئر آفيسرن ۽ لاڳاپيل وفاقي ۽ صوبائي کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ راولپنڊيءَ کان ڪهوٽا تائين 28.4 ڪلوميٽر ڊگهي روڊ کي ٻٽو ڪرڻ سميت سهاله ريلوي پاس تي 4 لين پُل جي تعمير جي سلسلي ?? مواصلات واري وزارت منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي. منصوبي تي 23545.021 ملين ??پيا لاڳت ايندا، وفاقي ۽ صوبائي حڪومت 50-50 جي بنياد تي ا?? لاءِ فنڊز فراهم ڪندا. جڏهن ته اين ??يڇ اي ا?? منصوبي کي مڪمل ڪندي. اجلاس ۾ دفاعي پيداوار واري وزارت جو ڪراچي شپ يارڊ اينڊ انجنيئرنگ ورڪس انفراسٽرڪچر منصوبي جي پڻ منظوري ڏني. ان منصوبي جي نظرثاني ٿيل لاڳت 10689.807 ملين ??پيا آهي، جنهن ۾ 4934.56 ملين ??پين ??ي غير ملڪي معاونت شامل آهي. اجلاس ۾ 45 ڪلوميٽر ڊگهي عبدالخيل، داعي- ڪلر ڪوٽ روڊ جي تعمير جي منظوري ڏني وئي. ان منصوبي تي 14257.29 ملين ??پين ??ي لاڳت ايندي. هي منصوبو اين ??يڇ اي مڪمل ڪندو. وفاق ۽ ڪي پي ڪي جي حڪومت 50 سيڪڙو جي شرح سان فنڊ فراهم ڪندا. اجلاس ۾ پا??ي وسيلن واري وزارت جي ضلعي خاران ۾ گورک اسٽوريج ڊيم منصوبي جي منظوري ڏني وئي. ان منصوبي تي 27753.76 ملين ??پيا لاڳت ايندي. ايڪنڪ جي اجلاس ۾ نصير آباد ضلعي ۾ پٽ فيڊر ڪينال سسٽم جي ري ماڊلنگ منصوبي جي منظوري ڏني وئي، ان منصوبي تي 61793.36 ملين ??پيا لاڳت ايندي. وفاق ۽ صوبو 50 سيڪڙو جي شرح سان فنڊ فراهم ڪندا. اجلاس ۾ پا??ستان اٽامڪ انرجي ڪميشن جي چشمي نيو ڪليئر پاور پراجيڪٽ يونٽ 5 جي منظوري ڏني وئي. ان منصوبي تي 1047988.84 ملين ??پيا لاڳت ايندي. ان منصوبي لاءِ 187098.9 غير ملڪي ۽ 820742.99 ملين ??پيا چيني قرض حاصل ڪيو ويندو. منصوبي تحت ميانوالي ۾ 1200 م??گا??اٽ جو نيوڪليئر پاور پراجيڪٽ تعمير ڪيو ويندو. اجلاس ۾ سنڌ حڪومت جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ اسڪولن جي تعمير ۽ بحاليءَ جي منصوبن جي منظوري ڏني وئي آهي. جنهن تي 12338.294 ملين ??پين ??ي لاڳت ايندي. اجلاس ۾ پلاننگ ڪميشن جي ا??ويسٽمينٽ پراجيڪٽ فانسنگ ڪمپونينٽ پا??ستان ريزيز روينيو پراجيڪٽ جي منظوري پڻ ڏني وئي، ان منصوبي تي 21518.677 ملين ??پيا لاڳت ايندي. عالمي بئنڪ ان منصوبي لاءِ 80 ملين ڊالرن جو قرض فراهم ڪندو.
ايڪنڪ 1200 ميگاواٽ جي حامل نيوڪليئر پاور پراجيڪٽ يونٽ 5 منصوبي سميت اهم منصوبن جي منظوري ڏئي ڇڏي
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری ٹکٹ