اسلام آباد – 25 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ??ارف علوي پاڪ قطر فيملي تڪافل لميٽيڊ جي وفاقي انشورنس محتسب جي فيصلي جي خلاف درخواست رد ڪندي انشورنس ڪ??پن?? کي منافعي سميت 20 لک رپيا شهري کي واپس ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، انصاف جي گهرج آهي ته ڪ??پن?? اصل رقم منافعي سان گڏ واپس ڪري. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب وحيد احمد (شڪايت ڪندڙ) 2015ع ۾ البرڪه بئنڪ جي ذريعي تڪافل پلان خريد ڪيو، بئنڪ نمائندي تاثر ڏنو ته 20 لک هڪ ئي وقت ادائيگي ڪرڻي پوندي، 5 سالن کانپوءِ رقم منافعي سان گڏ واپس ملي ويندي، صارف کي 11 سالن جي لاءِ 5 لک رپين جي سالياني پريميئم سان گڏ چار پاليسيون جاري ڪيون ويون، شڪايت ڪندڙ هر سال پريميئم جي وڏي رقم ادا ڪرڻ کان قاصر هو، ڪ??پن?? کي درخواست ڪئي ته پاليسي رد ڪري ڇڏي. صارف 20 لک رپين جي رقم واپس ڪرڻ جو چيو پر رقم واپس نه ڪئي وئي. شڪايت ڪندڙ وفاقي انشورنس محتسب سان رجوع ڪيو جنهن صارف جي حق ۾ حڪم جاري ڪري ڇڏيو. بعد ۾ محتسب جي فيصلي جي خلاف ڪ??پن?? صدر کي اپيل داخل ڪئي. صدر ڊاڪٽر ??ارف علوي انشورنس ڪ??پن?? پاليسي هولڊر کي 20 لک رپيا 6 سالن جي منافعي سان گڏ واپس ڪري، صارف کي رڳو هڪ پاليسي بدران وڏي سالياني پريئيم تي ڪيتريون ئي انشورنس پاليسيون جاري ڪيون ويون. هن چيو ته تڪافل پلان 2015ع ۾ صارف کي غلط طرز تي وڪرو ڪيو ويو، ڪ??پن?? ايتري عرصي ۾ رقم ڪاروبار ۾ لڳائي مناسب منافعو ڪمايو هوندو، بئنڪ نمائندي تڪافل پلان بابت صارف کي غلط معلومات ڏئي راغب ڪيو. شڪايت ڪندڙ کي غلط معلومات ڏني وئي ته تڪافل پلان 5 سالن جي لاءِ آهي، صارف 11 سالن جي لاءِ چار انشورنس پاليسين جي ڪڏهن به چونڊ نه ڪئي. صدر چيو ته انشورنس ڪ??پن?? 20 لک رپيا ورتا، سيڙپڪاري ڪئي، منافعو ڪمايو، ڪو ??خص غيرمنصفاڻي طور تي ٻين جي وسيلن تي پاڻ کي امير نه ٿو ڪري سگهي، شڪايت ڪندڙ کي منافعي ۾ ان جي حصي کان محروم ڪرڻ ناانصافي هوندي، ڪ??پن?? منافعو ڪمايو پر غيرمنصفاڻي طور تي صارف کي ادائيگي کان انڪار ڪيو. صدر پاڪ قطر فيملي تڪافل لميٽيد جي وفاقي انشورنس محتسب جي فيصلي جي خلاف درخواست رد ڪندي قرار ڏنو ته ڪ??پن?? رقم تي وڌيڪ شرح سان چارجز ڪٽڻ جو ڪو ٺوس سبب نه ڏنو. صدر حڪم ڏنو ته ڪ??پن?? 30 ڏينهن ۾ شڪايت ڪندڙ کي منافعي سان گڏ 20 لک رپيا واپس ڪري.
صدر پاران پاڪ قطر فيملي تڪافل لميٽيڊ انشورنس ڪمپني کي منافعي سميت 20 لک رپيا شهري کي واپس ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی موبائل ایپ