منيلا- 06 ڊسمبر (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) پاڪستان لاءِ 65 ڪروڙ 88 لک ڊالرن جي قرض جي م??ظوري ڏئي ڇڏي آهي. اي ڊي بي طرفان جاري پڌرائي م??جب پاڪستان لاءِ 65 ڪروڙ 88 لک ڊالر قرض جي م??ظوري ڏني وئي آهي ۽ اها رقم ٽن مختلف منصوبن تي خرچ ڪئي ويندي. بئنڪ جو چوڻ آهي ته فنڊن جي فراهمي جو مقصد پائيدار معاشي ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ آهي. هي م??امي وسيلا وڌائڻ ۽ ٻوڏ سبب تباهه ٿيل اسڪولن جي بحالي تي خرچ ٿيندا، انهن فنڊن سان غذائي تحفظ لاءِ زرعي پيداوار ۾ اضافو ۽ پاڪستان کي تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سبب پيدا ٿيل بحران مان نڪرڻ ?? مدد ملندي. پڌرائي م??جب اي ڊي بي جو مقصد پاڪستان جي معاشي صورتحال ۾ بهتري ۽ عوام جي زندگي جو معيار بهتر بڻائڻ آهي، ان مان 30 ڪروڙ ڊالر مقامي وسيلا وڌائڻ لاءِ پاليسي سڌارن تي خرچ ڪيا ويندا. اي ڊي بي جو چوڻ آهي ته پروگرام جو مقصد ٽيڪس، انتظامي معاملا، مينيجمينٽ جا خرچ ۽ سيڙپڪاري ۾ بهتري آڻڻ آهي. ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي ايش??ا بابت ڊائريڪٽر جنرل يوگيني زوڪوف چيو ته فنانسنگ جي هي اهم نئين لهر پاڪستان کي گذريل سال جي بحران ۽ سپر فلڊ جي اثرن مان نڪرڻ ۽ ڊگ??ي مدي واري ترقي جي راهه تي واپس آڻڻ ?? مدد ڏيندي.
ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستان لاءِ 65 ڪروڙ 88 لک ڊالرن جي قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي
مضمون کا ماخذ : پاور بال کی پیشن گوئی