اسلام آباد-07 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۾ عام چونڊن لاءِ پولنگ اڄ خميس تي ٿيندي، 12 ڪروڙ 79 لک 21 ه??ار 49 رجسٽرڊ ووٽرز 17 ه??ار 758 اميدوارن مان قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي 855 تڪن ۾ پنهنجي نمائندن جي چونڊ ڪندا، قومي اسيمبلي جي هڪ ۽ صوبائي اسيمبلين جي ٽن تڪن سميت 4 تڪن جي اميدوارن جي لاڏاڻي سبب پولنگ ملتوي ڪئي وئي آهي. سڄي ملڪ ۾ 14 لک 90 ه??ار چونڊ عملو پنهنجون ??مي??اريون سرانجام ڏيندو. سڄي ملڪ ۾ 90 ه??ار 675 پولنگ اسٽيشنز ۽ 2 لک 66 ه??ار 389 پولنگ بوٿ قائم ڪيا ويا آهن، هر تڪ جو غير حتمي غير سرڪاري نتيجو رٽرننگ آَفيسر جي آفيسن مان جاري ڪيو ويندو. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري تفصيلن موجب پولنگ صبح جو 8 وڳي کان بنا ڪنهن وقفي جي شام 5 وڳي تائين جاري رهندي. اسلام آباد مان قومي اسيمبلي جون 3 سيٽن آهن جن تي 10 ل?? 83 ????ار 29 ووٽرز پنهنجي نمائندن جي چونڊ ڪندا. پنجاب مان قومي اسيمبلي جي 141 ۽ پنجاب اسيمبلي جي 296 سيٽن تي پنهنجي نمائندن جي چونڊ لاءِ 7 ڪروڙ 32 لک 7 ه??ار 896 ووٽر پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندا. سنڌ مان قومي اسيمبلي جي 61 ۽ سنڌ اسيمبلي جي 130 سيٽن تي پنهنجي نمائندن جي چونڊ لاءِ 2 ڪروڙ 69 لک 94 ه??ار 769 ووٽرز پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندا. خيبرپختونخوا مان قومي اسيمبلي جي 44 ۽ صوبائي اسيمبلي جي 113 سيٽن تي پنهنجي نمائندن جي چونڊ لاءِ 2 ڪروڙ 12 لک 63 ه??ار 408 ووٽرز پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندا. قومي اسيمبلي جي 265 سيٽن تي 5 ه??ار 113 اميدوار ميدان ۾ آهن جن ۾ 312 عورت اميدوار به شامل آهن. چئني صوبائي اسيمبلين ۾ آمهون سامهون اميدوارن جو ڪل تعداد 12 ه??ار 645 آهي جن مان 570 عورت اميدوار شامل آهن، بلوچستان مان قومي اسيمبلي جي 16 ۽ صوبائي اسيمبلي جي 51 سيٽن تي پنهنجي نمائندن جي چونڊ لاءِ 53 لک 71 ه??ار 947 ووٽرز پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندا. قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 8 باجوڙ، پي ڪي 22 باجوڙ، پي ڪي 91 ڪوهاٽ ۽ پنجاب اسيمبلي جي تڪ پي پي 266 رحيم يار خان ۾ اميدوارن جي لاڏاڻي سبب پولنگ ملتوي ڪئي وئي آهي. سڄي ملڪ ۾ 16 ه??ار 766 پولنگ اسٽيشنون انتهائي حساس، 29 ه??ار 985 حساس جڏهن ته 44 ه??ار 26 پولنگ اسٽيشنون نارمل قرار ڏنيون ويون آهن. پنجاب ۾ 5 ه??ار 624 پولنگ اسٽيشنون حساس ترين جڏهن ته في پولنگ اسٽيشن 5 اهلڪار مقرر ڪيا ويندا. سنڌ ۾ 4 ه??ار 430 پولنگ اسٽيشنون انتهائي حساس قرار ڏنيون ويون آهن جتي في پولنگ اسٽيشن تي 8 اهلڪار مقرر ڪيا ويندا. اهڙيءَ طرح ڪي پي ڪي ۾ 4665 حساس ترين پولنگ اسٽيشنن تي 9 اهلڪار في پولنگ تي مقرر ڪيا ويندا. بلوچستان ۾ 1047 انتهائي حساس پولنگ اسٽيسنن مان هر پولنگ اسٽيشن تي 9 اهلڪار مقرر ڪيا ويندا. اليڪشن ڪميشن طرفان اڄ خميس تي اليڪشن جي سلسلي ۾ سڄي ملڪ ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل ضابطه اخلاق مطابق پهرئين درجي ۾ سيڪيورٽيءَ جي ??مي??اري پوليس، جڏهن ته ٻئي درجي ۾ سول آرمڊ فورسز ۽ ٽئين درجي جي ??مي??اري پاڪ آرمي جي هوندي. ميڊيا طرفان پولنگ اسٽيشنن جا نتيجا پولنگ ختم ٿيڻ جي هڪ ڪلاڪ بعد جاري ڪيا ويندا. ووٽ اصل قومي شناختي ڪارڊ تي ئي وِجهي سگهبو جڏهن ته مُدي خارج ٿيل شناختي ڪارڊ به قابل قبول هوندو. اليڪشن ڪميشن طرفان هن سال عام چونڊن لاءِ 26 ڪروڙ بيلٽ پيپرز ڇاپيا ويا آهن جن جي فراهميءَ جو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي. عام چونڊن جي نتيجي جي فراهمي لاءِ اليڪشن مئنجمينٽ سسٽم ”اي ايم ايس“ استعمال ڪيو ويندو. پولنگ اسٽيشن پُرامن ۽ امن امان جي صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ پرزائيڊنگ آفيسرن کي پهرين درجي جي مئجسٽريٽ جا اختيار ڏنا ويا آهن. حساس ترين پولنگ اسٽيشنن ٻاهران پاڪ فوج مقرر هوندي. چونڊ سامان جي پولنگ اسٽيشن تائين فراهمي، ڳڻپ ۽ ان جي آر اوز جي آفيس تائين واپسيءَ لاءِ سيڪيورٽيءَ جي ??مي??اري پاڪ فوج جي هوندي. لاڳاپيل مبصرن ۽ ميڊيا کي پولنگ اسٽيشن ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت هوندي. سڄي ملڪ ۾ 144 ڊي آر او، 859 رٽرننگ ۽ اسسٽنٽ رٽرننگ آفيسرن جي مقرري ڪئي وئي آهي. ڪل هڪ لک 91526 پرزائيڊنگ آفيسرن ۽ 7 لک 85060 اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسرن جي مقرر ڪئي وئي آهي. 5 ه??ار ڊيٽا انٽري آپريٽرز کي اليڪشن مئنجمينٽ سسٽم (اي ايم ايس) ذريعي نتيجن جي جوڙجڪ ۽ فراهميءَ لاءِ آر اوز سان ڳنڍيو ويو آهي.
پاڪستان ۾ عام چونڊن لاءِ پولنگ اڄ ٿيندي، 12 ڪروڙ 79 لک 21 هزار 49 رجسٽرڊ ووٽرز پنهنجي نمائندن جي چونڊ ڪندا، سڄي ملڪ ۾ 14 لک 90 هزار چونڊ عملو پنهنجون ذميواريون سرانجام ڏيندو
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن خریداری