اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته مون کي يقين آهي ته ها??يءَ جي راند ٻيهر عروج حاصل ڪندي، ها??يءَ جي راند جي بهتري جي لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏينداسين، رانديگرن کي ادارن ۾ ٻيهر شامل ڪرڻ جي پاليسي تي هڪ هفتي ۾ عملدرآمد ڪيو وڃي، پاڪستان ها??يءَ ٽيم جا رانديگر اذلان شاهه ها??ي ٽورنامينٽ ۾ هارائي به کٽي ويا آهن، منهنجي خواهش آهي ته رانديگرن جي ڪارڪردگي اهڙي هجي جو ان ۾ ماضي جا هيروز ڏسڻ ۾ اچن. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم هائوس ۾ اذلان شاهه ها??ي ٽورنامينٽ جو فائينل کيڏندڙ قومي ها??يءَ ٽيم جي اعزاز ۾ ڏنل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري مملڪتي وزير شزه فاطمه، پاڪستان ها??يءَ فيڊريشن جي عهديدارن ۽ رانديگرن پڻ شر??ت ڪئي. وزيراعظم چيو ته اڄ توهان اڏو خاص مهمان بڻجي نه پر توهان پاڪستان جي نالي کي ها??يءَ جي ميدان ۾ بلند ڪرڻ جي لاءِ دنيا آڏو جيڪا شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري آهي ان کي ساراهڻ جي لاءِ موجود آهيان. اڄ جي تقريب جا خاص مهمان قومي ها??يءَ ٽيم جو ڪپتان، رانديگر،فيڊريشن جا عهديدار ۽ اولمپڪس گيمز ۾ حصو وٺندڙ ٻيا رانديگر آه??. و??يراعظم چيو ته سڀني کي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. پوري قوم ان ڳالهه جي گواهي ڏئي رهي آهي ته اذلان شاهه ها??ي ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ اسان جي ها??يءَ ٽيم هارائي نه آهي پر کٽي آهي. گذريل ڏيڍ ٻن ڏهاڪن ۾ پاڪستان ۾ ها??يءَ جي راند ڏُڪار جو شڪار رهي. سمجهه نه پئي آئي ته ڪڏهن اهو ڏينهن ايندو جڏهن پاڪستان جي عوام توهان جي ڪارڪردگي ڏسي صلاح الدين، اختر رسول ۽ ٻين ناليوارن رانديگرن کي ياد ڪندي. انهن عظيم رانديگرن ۽ هيروز پوري دنيا ۾ پاڪستان جهنڊو بلند ڪيو. اڄ ڪنهن به حجت کانسواءِ اها ڳالهه ڪري سگهان ٿو ته اسان جا اهي ماضي جا عظيم ڏينهن واپس اچي ويا آه??. و??يراعظم چيو ته مون کي يقين آهي ته ها??يءَ جي راند ٻيهر عروج حاصل ڪندي. منهنجي خواهش آهي ته ها??يءَ جي رانديگرن جي ڪارڪردگي اهڙي هجي جو ماضي جا هيروز توهان ۾ ڏسڻ ۾ اچن. ها??يءَ ٽيم جي ٺوس ڪوشش اڄ رنگ لاتو آهي. وزيراعظم چيو ته هارائڻ کٽڻ راند جو حصو آهي پر جهڙي طريقي سان توهان مقابلو ڪيو آهي اهو مستقبل ۾ فتح جي نويد آهي. شاندار ڪارڪردگي تي ها??يءَ ٽيم جي رانديگرن، انهن جي والدين، ڪوچز ۽ منتظمين کي مبارڪباد ۽ سلام پيش ڪريان ٿو. ها??يءَ جي فروغ ۽ بحالي جي لاءِ وفاقي حڪومت ڀرپور تعاون ڪندي. ها??يءَ جي راند جي بهتري جي لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏينداسين. ان سلسلي ۾ فيڊريشن ۽ ٻين ڌرين سان گڏجي قدم کنيا ويندا. وزيراعظم چيو ته پي ڊي ايم جي حڪومت جي گڏيل ڪوششن سان پاڪستان ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچي ويو. گذريل حڪومت جي دور ۾ 16 مهينا اسان جي لاءِ انتهائي مشڪل هئا. انهن مشڪل حالتن ۾ اسان ملڪي معيشت کي بهتري طرف گامزن ڪيو. هن وقت اسان ڪرڪيٽ، ها??يءَ ۽ ٻين راندين جي رانديگرن کي ادارن ۾ شامل ڪرڻ جي پاليسي جو اعلان ڪيو هو. ها??ي ان کي يقيني بڻايو ويندو ته اسان جي ناليواري رانديگرن کي ادارن ۾ نوڪرين جا موقعا فراهم ڪيا وڃن ته جيئن اهي راند جي ميدان ۾ پوري طرح پنهنجي صلاحيتن کي مڃرائي سگهن ۽ انهن کي وسيلن جي کوٽ کي منهن نه ڏيڻو پوي. وزيراعظم بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير ۽ وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين کي هدايت ڪئي ته هڪ هفتي جي اندر ان پاليسي کي جاري ڪري ۽ عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي. ان موقعي تي پاڪستان ها??يءَ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شهباز احمد چيو ته هن تقريب ۾ اسان کي شر??ت ڪري تمام گهڻي خوشي ٿي آهي. وزيراعظم رانديگرن جي حوصلا افزائي ڪئي آهي. انشاءَ هي پاڪستان جي لاءِ ميڊلز کٽي ايندا. اڳوڻي اولمپيئن فلائنگ هارس سميع ??لله چيو ته قومي ها??يءَ ٽيم جي رانديگرن جي ڪري اسان کي هن تقريب ۾ شرڪت جو موقعو ملي رهيو آهي. اسان جي دعا آهي ته پاڪستان ۾ ها??يءَ کي هٿي ملي. ها??يءَ جي رانديگرن جي حوصلا افزائي اهڙي طرح ٿيڻ گهرجي ۽ رانديگرن کي به گهرجي ته اهي پنهنجي ڪارڪردگي سان ثابت ڪن ته اهي پاڪستان جي لاءِ کٽي ميڊلز آڻيندا رهن. اڳوڻي اولمپيئن صلاح الدين چيو ته ها??يءَ ٽيم جي رانديگرن تمام گهڻي محنت ڪئي آهي. وزيراعظم راندين ۾ ڀرپور دلچسپي وٺي ٿو ۽ راند ۽ رانديگرن سان محبت ڪري ٿو. وزيراعظم ان شيءَ کي محسوس ڪيو ته انهن رانديگرن جي حوصلا افزائي جي ضرورت آهي. ها??يءَ اسان جي قومي راند آهي. ان موقعي تي وزيراعظم پاڪستان ها??يءَ ٽيم جي رانديگرن، ايٿليٽ ارشد نديم ۽ پيرس اولمپڪس جي لاءِ ڪوالفائي ڪندڙ رائيفل شوٽنگ ٽيم ۾ چيڪ ورهايا.
مون کي يقين آهي ته هاڪيءَ جي راند ٻيهر عروج حاصل ڪندي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاتعداد وشال پانڈا