اسلام آباد – 05 – جولائي (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ??يو آهي ته اسرائيل جنگي ڏوهه ڪري رهيو آهي، فل??طينين جي نسل ڪشيءَ ڪئي پئي وڃي، پاڪستان شنگها??ي تعاون تنظيم ۾ فل??طين جو ڪيس ڀرپور انداز ۾ وڙهيو، پاڪستان مطالبو ڪيو ته اسرائيل کي جوابده بڻايو وڃي. سينيٽ جي اجلاس ۾ وزيراعظم جي شنگها??ي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت جي حوالي سان پاليسي بيان ڏيندي اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته اسرائيل جنگي ڏوهه ڪري رهيو آهي، فل??طينين جي نسل ڪشيءَ ڪئي پئي وڃي، 37 هزار کان وڌيڪ فل??طيني شهيد ٿي چڪا آهن جن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن، 20 لک فل??طيني پنهنجي گهرن کان بي دخل ٿي چڪا آهن ۽ لڏپلاڻ تي مجبور آهن. هن ??يو ته شنگها??ي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ پاڪستان جو موقف هو ته 1967ع کان اڳ وارين سرحدن تحت آزاد فل??طيني رياست کي تسليم ڪيو وڃي، جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي ۽ فل??طين ۾ جنگي ڏو??ن کي فوري طور تي روڪيو وڃي. اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته غزه ۽ رفع بابت ڪير به پڇڻ وارو نه آهي، اتي اسپتالن تي بمباري جاري آهي، عورتن ۽ ٻارن کي نشانو بڻايو پيو وڃي ۽ امدادي سامان ضرورتمندن تائين پهچائڻ جي پهچ نه پئي ڏني وڃي، جيڪو هڪ وڏو الميو آهي، جنهن تي پاڪستان شنگها??ي تعاون تنظيم ۾ زوردار آواز اٿاريو ۽ واضح موقف پيش ڪيو. هن ??يو ته شنگها??ي تعاون تنظيم ۾ اسلامو فوبيا بابت ڳالهه ٻولهه ٿي.
اسرائيل جنگي ڏوهه ڪري رهيو آهي، فلسطينين جي نسل ڪشيءَ ڪئي پئي وڃي، پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم ۾ فلسطين جو ڪيس ڀرپور انداز ۾ وڙهيو: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : خوش قسمت لڑکی