اسلام آباد – 31 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان حماس جي سياسي بيورو جي سربراهه اسماعيل هانيه جي ايراني گادي واري شهر تهران ۾ قتل جي مذمت ڪندي خطي ۾ وڌندڙ اسرائيلي مهم جوئي تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب پرڏيهي آفيس جو چوڻ آهي ته اسان کي ايران جي نئين چونڊيل صدر جي حلف برداري وار?? تقريب ??ي موقعي تي ٿيندڙ ان غيرذميواراڻي ڪا??روائي سان وڏو صدمو پهتو آهي جنهن ۾ پاڪستان جي نائب وزيراعظم سميت ڪيتريون ئي غيرملڪي شخصيتون شريڪ هيون. پرڏيهي آفيس جي ترجمان اسماعيل هانيه جي گهرڀاتين ۽ فلسطيني عوام سان تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان عدالت ??ان مٿانهين ۽ ٻين ملڪن جي سرزمين تي قتل سميت هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪر?? ٿو. پاڪستان خطي ۾ وڌندڙ اسرائيلي مهم جوئي کي گهري ڳڻتي جي نظر سان ڏس?? ٿو. ترجمان وڌيڪ چيو ته اسرائيل جون تازه ترين ڪا??روايون اڳ کان ئي عدم استحڪام ۾ ورتل خطي ۾ ڇڪتاڻ ۾ خطرناڪ اضافو ۽ امن جي ڪوششن جي لاءِ نقصانڪار آهن.
پاڪستان پاران حماس جي سياسي بيورو جي سربراهه اسماعيل هانيه جي تهران ۾ قتل جي مذمت، خطي ۾ وڌندڙ اسرائيلي مهم جوئي تي سخت ڳڻتي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس