اسلام آباد-18 سيپٽمبر (اي پي پي) دفاع ۽ دفاعي پيداوار وا??ي وفاقي وزير خواجه محمد آ??ف سان جمهوريه تاجڪستان جي ??فير شريف زاده يوسف توير ۽ اسلامي جمهوريه ايران جي ??فير ڊاڪٽر رضا اميري مغادم ڌار ڌار ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻطرفي دفاعي، اقتصادي ۽ ايوي ايشن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. دفاع وا??ي وزير سمورن حل طلب علائقائي مسئلن جي پرامن حل لاءِ پاڪستان جي ??زم جو ورجاءُ به ڪيو ۽ خطي ۾ امن ۽ اقتصادي رابطن کي هٿي ڏيڻ لاءِ تاجڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو. تاجڪ سفير ٻنهي ملڪن جي ??وام وچ ۾ موجود ڀائراڻي لاڳاپن کي اجاگر ڪيو. ا?? کانسواءِ هن گڏيل دلچسپي جي مختلف شعبن ۾ پاڪستان سان تعاون لاءِ پنهنجي ??ڪومت جي ??زم جي ??اطري ڪرائي. اسلامي جمهوريه ايران جي ??فير ڊاڪٽر رضا اميري مغادم اربع ڏينهن اسلام آباد ۾ دفاع وا??ي وزير خواجه محمد آ??ف سان ملاقات ڪئي، دفاع وا??ي وزير ان حقيقت تي زور ڀريو ته پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ صديون پراڻا مذهبي ۽ ثقا??تي وابستگين سان ڳنڍيل خوشگوار ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن. گڏيل سرحدي ڪميشن جي ??هميت کي اجاگر ڪندي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان بارڊر مينيجمينٽ جي ??والي سان سمورا ضروري قدم کنيا آهن ۽ ان معاملي تي گڏيل ڪوششون جاري رهڻ گهرجن. ٻنهي ڌرين ٻطرفي تعاون جي موجوده سطح تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ گڏيل دلچسپي جي ??عبن ۾ ان کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ جي ??زم جو اظهار ڪيو.
وفاقي وزير خواجه محمد آصف سان تاجڪستان ۽ ايران جي سفيرن جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : سانتا کی جنگلی سواری۔