اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) چين جو و??ير??عظم لي چيانگ سومر ڏينهن چئن ڏينهن جي ٻطرفي دوري تي پاڪستان پهچي ويو. چين جو و??ير??عظم ??ندس دوري دوران ملڪي اعليٰ سول ۽ فوجي قيادت سان ملاقاتون ڪندو ۽ شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي ڪائونس?? جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. چين جي و??ير??عظم ??ان گڏ وزير ۽ اعليٰ عملدارن تي ٻڌل هڪ اعليٰ سطحي وفد به آهي جنهن ۾ ناڻي ۽ واپار واري وزارت، نيشنل ڊيولپمينٽ ۽ ريفارم ڪميشن ۽ چين جي عالمي ترقياتي ايجنسي جا آفيسر به شامل آهن. چين جي ڪنهن به و??ير??عظم ??و گذريل 11 سالن کانپوءِ پاڪستان جو هي پهريون دورو آهي.
نور خان ايئربيس پهچڻ تي و??ير??عظم محمد شهباز شريف ۽ نائب و??ير??عظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وفاقي ڪابينا جي ٻين ميمبرن ۽ اعليٰ سرڪاري عملدارن و??ير??عظم لي چيانگ جي آجيان ڪئي. ان موقعي تي روايتي پاڪستاني لباس پهريل ٻن ٻارڙين معزز مهمانن کي گلدستا پيش ڪيا.
جڏهن ته مهمان و??ير??عظم کي 21 توپن جي سلامي ڏني وئي. پاڪستان جي هٿياربند فوج جي دستي معزز مهمان کي سلامي پيش ڪئي. چين جو و??ير??عظم ??عد ۾ و??ير??عظم هائوس ۾ و??ير??عظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪندو جتي کيس باضابطا آجياڻي واري تقريب ۾گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويندو جنهن کانپوءِ ٻئي و??ير??عظم وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ڪندا جنهن ۾ پاڪ چين ل??ڳاپن جي سمورن رخن جنهن ۾ اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپا ۽ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه تحت تعاون تي مٽاسٽا ڪئي ويندي.
ڌريون چين پاڪستان اقتصادي لنگهه جي ٻئي مرحلي (سي پيڪ 2) ۽ ٻين ميگا پراجيڪٽس سميت ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ مفاهمت جي يادداشتن تي به صحيحون ڪندا.
چين جو و??ير??عظم گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ جو ورچوئل افتتاح پڻ ڪندو. پنهنجي پاڪستان جي دوري دوران چين جو و??ير??عظم ??در آصف علي زرداري ۽ پاڪستان جي پارلياماني اڳواڻن ۽ اعليٰ عسڪري قيادت سان ملاقاتون ڪندو. ان کانسواءِ هو 15 ۽ 16 آڪٽوبر تي اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ??نگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي حڪومتي سربراهي ڪائونس?? جي اجلاس ۾ به شرڪت ڪندو.