رياض – 04 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ سعودي و??ي عهد شهزاده محمد بن ??لمان بن ??بدالعزيز السعود ٻطرفن لاڳاپن ۾ وڏي تبديلي آڻڻ جي لاءِ پنهنجي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي، ٻنهي اڳواڻن اتفاق ڪيو آهي ته پا??ستان ۽ سعوديه جي لاءِ پنهنجي اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ انتهائي ضروري آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي رياض ۾ منعقد ون واٽر سربراهي اجلاس جي موقعي تي سعودي و??ي عهد شهزاده محمد بن ??لمان بن ??بدالعزيز السعود سان خوشگوار ملاقات ٿي. سعودي و??ي عهد گذريل ڇهن مهينن دوران پنجون ڀيرو پا??ستاني وزيراعظم سان ملاقات تي پنهنجي تمام گهڻي خوشي جو اظهار ڪيو. هن چيو ت?? اهو حقيقي محبت ۽ گڏيل احترام جو ثبوت آهي جيڪو ٻنهي ملڪن جي عوام کي ڳنڍي ٿو. ٻنهي اڳواڻن جو ان ڳالهه تي اتفاق ٿيو ت?? پا??ستان ۽ سعوديه جي لاءِ پنهنجي اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ انتهائي ضروري آهي. سعودي و??ي عهد ان ڳالهه تي زور ڏنو ت?? پا??ستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ تعاون جو فروغ پا??ستان جي معاشي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ تمام گهڻي اهميت رکي ٿو. ٻنهي اڳواڻن پا??ستان ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان سعودي مفاهمتي يادداشتن ۽ معاهدن تي عملدرآمد جي رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف و??ي عهد جا پا??ستاني عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن تي ٿورا مڃيا. هن و??ي عهد کي جلد کان جلد پا??ستان جو دورو ڪرڻ جي پنهنجي دعوت جو ورجاءُ ڪيو. و??ي عهد وزيراعظم جي دعوت قبول ڪندي چيو ت?? هو جلد پنهنجي پا??ستان جي دوري جو منتظر آهي.
وزيراعظم ۽ سعودي ولي عهد پاران ٻطرفن لاڳاپن ۾ وڏي تبديلي آڻڻ جي لاءِ پنهنجي گڏيل عزم جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : comprar raspadinha