اسلام آباد-15 ڊسمبر (اي پي پي)وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته آرمي پبلڪ اسڪول سانحو پاڪستا?? جي تاريخ جو اڻ وسرندڙ سانحو آهي، پوري قوم بزدل دهشتگردن خلاف شيهي جي ڀت وانگر بيٺل آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف آرمي پبلڪ اسڪول سانحي کي 10 سال مڪمل ٿيڻ تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ??ه اڄ جڏهن پاڪستا?? جي تاريخ جو هڪ نه وسرندڙ سانحي، تمام وڏي نقصان کي 10سال مڪمل ٿي رهيا آهن، اسا?? جي دل ڏکويل ۽ رت جا ڳوڙها ڳاڙي رهي آهي، هن چيو ??ه اهو هڪ اهڙو دل ڏاريندڙ واقعو هو جنه?? جي ياد هڪ ڏهاڪي کان اسا?? جي دلين کي ڏکوئيندي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته 16 ڊسمبر 2014ع تي بزدل، بي رحم ۽ حيوانيت سان ڀرپور دهشتگرد آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي اڱڻ ۾ گهڙي تباهي ۽ بربادي ڪندي 144 معصوم جانين کي هميشه لاءِ اسان کان جدا ڪري ڇڏيو، ان حيوانيت جو شڪار شهيد ٿيلن ۾ اڪثريت معصوم ٻار?? جي هئي جيڪي تمام ننڍي عمر ۾ اسان کي غمگين ڪري دنيا مان هليا ويا. هن چيو ته ان???? جي زندگي، ان??ن جا خواب، ان??ن جون اميدون ۽ ان??ن جو مستقبل اسان کان ڇنيو ويو، وزيراعظم چيو ??ه ان سانحي کي ڀلي ڪيترو به وقت گذري وڃي پر ان معصوم ٻار?? جي جدائي جي صدمي کي ميٽي نٿو سگهجي. ان??ن معصوم ڪلين، ان ڏينهن برداشت نه ٿيڻ جوڳي ظلم ۽ ڏاڍ جو منهن ڏٺو ۽ شهادت ماڻي. ان??ن خاندانن ۽ والدين جن پنهنجي پيارن کي ان ڀيانڪ سانحي ۾ وڃايو آهي، ج?? جي جگر جا ٽڪرا ڦريا ويا، ان???? جي ڏک ۽ تڪليف ڪنهن به طور تي گهٽ نٿي سگهي ٿي. هن چيو ته قوم کي ياد رکڻ گهرجي ته فتنه الخوارج ۽ ان جهڙن ٻين دهشتگرد ملڪ دشمن گروهن جو نه دين سان ڪو تعلق آهي نه ئي معاشرتي قدرن سان ، پرڏيهي ملڪ دشم?? جي ڏڍ تي اهي بزدل معصوم پاڪستانين کي پنهنجي مڪرو?? مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ نشانو بڻائين ٿا. پوري قوم ان بزدل دهشتگردن خلاف شيهي جي ڀت وانگر بيٺل آهي ۽ انشاءُ الله بيٺل رهندي. وزيراعظم چيو ته مون سميت پوري قوم اسا?? جي ٻارن ۽ استاد?? جي بهادري کي سلام ۽ کين خراج عقيدت پيش ڪري ٿي ۽ ان???? جي ڪٽنب?? جي قربانين ۽ اسا?? جي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي جيڪي اڄ به ملڪ دشمن ڌرين سان پوري همت ۽ جوانمردي سان وڙهي رهيا آهن. هن چيو ??ه اچو اڄ اسان هڪ پرامن ۽ محفوظ پاڪستا?? جي تعمير لاءِ پنهنجي عزم کي ورجايون جتي ڪنهن معصوم کي ٻيهر ان ظلم ۽ ڏاڍ سان نقصان نه پهچي، ڪنهن به ٻار کي خوف ۾ اسڪول نه وڃڻو پوي ۽ اهڙي ڪنهن به ناانصا??ي جي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي جيڪو هڪ واعدو آهي، جيڪو اسان کي گڏجي ڪرڻو آهي. اهو سڀ اسان تي ان سانحي جي متاثرن ۽ شهيد?? جي قرض آهي ??ه اسان سڀ ان ڳالهه کي يقيني بڻايون ته ان??ن جون جانيون رائيگان نه وينديون،ا سان ڪڏهن به نه وسارينداسين ۽ اسان ڪڏهن به معاف نه ڪنداسين.
آرمي پبلڪ اسڪول سانحو پاڪستان جي تاريخ جو هڪ اڻ وسرندڙ سانحو آهي، پوري قوم بزدل دهشتگردن خلاف شيهي جي ڀت وانگر بيٺل آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : ڈریگن کی قسمت